ڪوٽڏيجي قلعي ڀرسان آرٽ گيلري ۽ نمائشي سينٽر جو افتتاح
خيرپور: هيريٽيج فائونڊيشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن ۽ چيف ايگزيڪيٽوِ مئڊم ياسمين لاري ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ گڏجي فائونڊيشن ۽ ضلعي انتظاميه پاران ڪوٽڏيجي قلعي ڀرسان آرٽ گيلري ۽ نمائشي سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ياسمين لاري چيو ته خيرپور جي تاريخ کي پوري دنيا ۾ هڪ سٺي تهذيب ۽ تمدن طور سڃاتو وڃي ٿو جڏهن ته ضلعي اندر ڪوٽڏيجي قلعو، شاهي محل، فيض محل، دلشاد منزل سميت 370 کان وڌيڪ تاريخي ۽ قديمي ماڳ آهن ۽ اهڙو قديمي ورثو هن ضلعي جي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. جڏهن ته اهڙن قديمي ماڳن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خيرپور کي هڪ ثقافتي ۽ تفريحي ماڳ بڻايو پيو وڃي ته جيئن ملڪي توڙي غير ملڪي سياح (ٽوئرسٽ) اچن ۽ خيرپور جي تاريخ جو معائنو ڪن. هن چيو ته خيرپور جي صوفي بزرگن محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ خطاب ڪندي چيو ته هيريٽيج فائونڊيشن پاران صوبي جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته خيرپور جي مختلف صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي درگاهن تي پڻ ترقياتي ڪم ڪرڻ لاءِ مختلف پلان جوڙيا پيا وڃن. هن چيو ته خيرپور جي تاريخي ۽ قديمي ماڳن ويجهو نمائشي سينٽر پڻ ٺهرايا ويندا ته جيئن تاريخي ماڳن جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته قائم ٿيندڙ نمائشي سينٽرن تي علائقي واسين پاران تيار ٿيندڙ هٿ جي هنر سان تيار ٿيندڙ شيون رلي، اجرڪ، ڀرت، ونجڻا، پنڊيون ۽ کيس سميت ٻيون هيڊي ڪرافٽس جو ثقافتي سوکڙيون پڻ رکيون وينديون ته جيئن هتان جي هٿ جي هنر جي شين کي اجاگر ڪيو وڃي. ڪمشنر سکر وڌيڪ چيو ته ڪوٽڏيجي قلعي تي وڏين گاڏين جي آمد و رفت ممنوع قرار ڏيندي قلعي ڀرسان پارڪنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪئپٽن انوار الحق، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي رياض حسين وساڻ، خدا بخش ڦلپوٽو سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.