سکر

ڪمشنر سکر شهيد بينظير ڀُٽو پارڪ، جانورن جي اسپتال ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو

Commissioner Visitخيرپور : ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ خيرپور اندر نساسڪ پاران مريم توب کان نيشنل بئنڪ تائين ڊرينيج لائين جي تبديلي واري ترقياتي ڪم، شهيد بينظير ڀُٽو پارڪ، جانورن جي اسپتال ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ کي خيرپور ضلعي اندڙ هلندڙ توڙ مڪمل ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. جڏهن ته ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ ايم ڊي نساسڪ نياز علي شرکي 10 فيبروري تائين ڊرينيج لائين جي تبديلي واري ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ ۽ ورڪس اينڊ سروسز جي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر مسعود احمد ميمڻ کي شهيد بنيظير ڀُٽو پارڪ اندر تعمير ٿيندڙ ٻيڙي نما ريسٽورنٽ ۽ رهيل ترقياتي ڪم کي 15 فيبروري تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ڊي سي خيرپور ڪمشنر سکر کي ضلعي اندر ڪيڊٽ ڪاليج جي قيام جي حوالي سان ضلعي انتظاميه پاران ورتل ڪوششن جي پڻ آگاهي ڏني جڏهن ته ڪمشنر سکر ٽي ايم اي آفيس خيرپور ڀرسان پُراڻي جانورن جي اسپتال کي ضلعي ڪائونسل خيرپور ڀرسان نئين تعمير ٿيل جانورن جي اسپتال ڏانهن منتقلي ۽ جانورن جي پُراڻي اسپتال واري جڳهه تي حڪومت پاران منظور ٿيل گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي ترقياتي ڪم شروع ڪرائڻ جي لاءِ ڊي سي خيرپور کي هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ڪمشنر سکر ڊويزن جي خيرپور ضلعي اندر مختلف ترقياتي ڪمن جي دوري ڊي او روڊس طُفيل احمد پليجو، اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور راز محمد ڳنڀير، پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر عبدالله ميمڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن جو ترجمان صاحب خان ڀنڊ ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button