سکر

ڪراچي ۾ پوليس پاران نجي ٽي وي ڪيمرامين رحيم داد سميجي تي تشدد خلاف مظاھرو

صحافي احتجاج ڪندي
صحافي احتجاج ڪندي
سکر(بيورورپورٽ)ڪراچي ۾ پوليس پاران نجي ٽي وي ڪيمرامين رحيم داد سميجي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي خلاف ڪيمرامين ۽ فوٽو جرنلسٽ ايسو سي ايشن پريس ڪلب سکر پاران وڏي تعداد ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو احتجاجي مظاهري جي قيادت صدر رئيس ابڙو، جنرل سيڪريٽري سعيد احمد ڀيو، ابراهيم سومراڻي، نعيم غوري، راجه شاهد ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي مظاهرين ڪراچي پوليس جي غلط رويءَ جي خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته صحافين سميت ڪيمرامينن ۽ فوٽو جرنلسٽ جي معاشري جي عڪاسي جي لاءِ پيشه وراڻيون ذميداريون ادا ڪرڻ وقت ڪيتريون ئي مشڪلاتن جو سامنو ڪرڻو پوي ٿو پر پوءِ جان جي خطري هجڻ جي ڪري پنهنجو ذميداريون سر انجام ڏيندا آهيون پر پيشو واراڻيون ذميداريون ادا ڪرڻ وقت انهن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ پوليس جو معمول بڻجي ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هنن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ نجي ٽي وي جي ڪيمرامين رحيم داد گذريل ڏينهن ڪراچي جي علائقي اورنگي ۾ قتل ٿيندڙ ٻن پوليس اهلڪارن جي ڪوريج جي لاءِ قتل واري جاءِ تي ڪوريج ڪرڻ جي لاءِ پهتو ته متعلقه پوليس ان کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڪري ان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو جيڪو انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي هنن صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، وزير داخله رحمان ملڪ، وزير اعليٰ سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ٻئي صورتم انصاف جي عدم فراهمي جي خلاف سڄي سنڌ ۾ صحافين، ڪيمرامينن۽ فوٽو جرنلسٽ سراپا احتجاج بڻجي ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button