ڌھرڪي

”ڏهرڪي شهر نڌڻڪو ڇو؟“ جي نالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي

ڪانفرنس ۾ شريڪ تقريرون ڪندي
ڪانفرنس ۾ شريڪ تقريرون ڪندي
ڏهرڪي: ڏهرڪي جي سماجي تنظيم لاٽ هيومين ڊولپمنٽ آرگنائزيشن پاران ڏهرڪي ۾ ”ڏهرڪي شهر نڌڻڪو ڇو؟“ جي نالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙ مڙني سياسي، سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڌرين ڏهرڪي شهر جي تباهي جي ذميوار مڪاني ادارن جي صوبائي وزير آغا سراج دراني، هتان جي چونڊيل عيوضين ۽ بدعنوان ڪامورن کي قرار ڏئي هنن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام فتاح سميجو چيو ته محترمه جي شهادت بعد سنڌ واسين پ پ وارن کي اقتدار ۾ آندو پر پ پ وارن سنڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي. هن چيو ته شهر تباهه ٿي رهيو آهي پر چونڊيل عيوضي گهر ۾ ويٺل آهن ۽ ان ۾ خوش آهن ته آفيسر اچي هنن وٽ حاضريون ڀرين. هن چيو ته جڏهن چونڊيل عيوضين جا ماڻهو اچي ٽائون آفيسرن کان منٿليون وٺندا ته ظاهر آهي اهي عوام جي پيسي تي ڌاڙو هڻندا. ڄام فتاح چيو جيڪي ڀوتار پهرين ٻن ويلن جي ماني لاءِ محتاج هئا انهن ڪروڙن جا بنگلا ڪيئن ٺاهيا؟ ظاهر آهي ته جن کي جيترو موقعو مليو هر ڪنهن شهر لٽڻ ۾ پنهنجي هڙان نه گهٽايو. هن چيو ته شهر جو سماجي تنظيمون ۽ اتحاد به سياسي مصلحت سبب چپ رهيا ان ڪري آفيسر سرعام پسيو لٽيندا فرار ٿيندا رهيا. حالت اها آهي جو اڄ خزاني جي ڀينگ ٿي وئي آهي شهر بدترين ٿي ويو آهي. ايڊووڪيٽ سليم اختر چيو ته پنجن سالن دوران ٽائون انتظاميه پاران ڪابه ترقياتي اسڪيم نه رکي وئي سڄو پيسو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. ملازمن جون پگهارون هڙپ ڪيون ويون جنهن ڪري ٽي ايم اي جو ملازم پنهنجي آفيس جي سرندي وارن ملازمن کان 15 سيڪڙو وياج تي هنن کان اوڌر وٺي مقروض ٿي ويو آهي. جنهن ڪري ٽائون جا بااثر ملازم ٿورن ڏينهن ۾ بنگلن جا مالڪ ٿي ويا آهن. سمال ٽريڊ يونين جي اڳواڻ ڊاڪٽر سجاد ۽ شنڪر لال چيو ته ٽائون آفيسرن پنهنجا ٻڀ ڀرڻ لاءِ ڏهرڪي شهر ۾ ناجائز اڏاوتن ۽ حددخليون قائم ڪرڻ جي سرعام اجازت ڏئي ڇڏي جنهن ڪري اڄ شهر جا روڊ رستا سوڙها ۽ گهٽيون بند ٿي ويون آهن شهر ۾ هٿ ريهڙهن جو آزار آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راحيلا شر چيو ته ڏهرڪي ٽائون آفيس کان وٺي يو بي ايل چوڪ تائين حددخلين ۽ ريهڙهن جو آزار ايترو ته وڌي ويو آهي جو اوباش نوجوان رش جو فائدو وٺي اسڪولي شاگردياڻين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪن ٿا جڏهن ته ريڙهي واري ڪنو فروٽ ۽ سبزي روڊ تي اڇلائين ٿا جنهن تان پير ترڪڻ سبب عورتون پٽ تي ڪيو پون ۽ اهي اهڙي واقعن تي ٽهڪار ڏئي نياڻين ۽ عورتن کي ويتر شرمسار ڪن ٿا. هن چيو ته اسان جو معاشري ۾ انساني ذهن ئي ڪرپٽ ٿي چڪو آهي انڪري اسين پنهنجو ڏوهه قبول ئي نه ٿا ڪريون ۽ ٻين جا اچي گناهه ڳڻيون پيا. هن چيو ته شهر جي تباهي جي ذميواري اسان شهرين تي به آهي جن پنج سال مجرماڻي خاموشي ڇو ڪئي؟ المهراڻ ليبر فيڊريشن جي صادق لغاري چيو ته ڏهرڪي جا ٽائون آفيسر ۽ ڪجهه با اثر ملازم ملي ڪري شهر کي لٽي رهيا آهن. هر ڪنهن کي خبر آهي ته شهر جو پيسو ڪٿي ونڊيو پيو وڃي پر اسين انهن جا نالا کڻڻ بجاءِ پردي ۾ ڳالهيون ڪريون پيا جيڪا اسان عوام جي بزدلي آهي. هن چيو ته ايندڙ خميس 31 جنوري تي ٽي ايم اي خلاف وڏو پر امن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو جنهن ۾ ڏهرڪي شهر جي تباهي جي ذميوارن جا پتلا ساڙيا ويندا. ريڙهي يونين جي صدر محمد صديق سميجو چيو ته هر الزام ريهڙهي وارن مزدورن تي هنيو وڃي ٿو پر هت دڪاندار به ناجائز اڏاوتون قائم ڪري ويٺا آهن. جنهن ۾ ٽائون جو عملو ملوث آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ريهڙهين کي بيهارڻ لاءِ هڪ وڏو پلاٽ ڏنو وڃي ٿو ته اسين شهر مان ريڙهيون ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا. ش ڀ جي شاهه علي لاشاري چيو ته شهر کي لٽڻ وارا ٻاهران جا نه آهن اسين پاڻ لٽيرا آهيون ۽ پاڻ ئي چور آهيون. هن چيو ته شهر کنڊر ٿيندو رهيو پر هر ڪو ڇو خاموش هو؟ ڏهرڪي جا ڏهر جن جي نالن تي ڏهرڪي آباد ٿيو اهي بنگلن ۾ ويهي رهيا ۽ ٽائون کي 50 کان مٿي ملازم وٺي بنگلن جو ڪم ڪار هلائي رهيا آهن تو پوءِ اسان جي گلستان جو اجڙڻ لازمي هو. عوامي تحريڪ جي حفيظ ڀٽو چيو ته هي وقت بدعنوان کي وائکو ڪرڻ جو آهي اڄ سان کي شهر کي لٽيندڙن جا چهرا بي نقاب ڪرڻا آهن جيڪڏهن اسان وقت سر اهو ڪم ڪيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام پنهنجي ووٽ جو مناسب استعمال ڪندي کين رد ڪري ڇڏيندي. جسقم جي رفيق حيد شر، مير حسن لاشاري ۽ ڪامريڊ شبير شر چيو ته ڏهرڪي شهر کي پ پ وارن لٽيو ئي لٽيو پر هتا جي پيرن، ميرن، مهرن، خانن ۽ پتافين به گهٽ ڪونه ڪئي. پيسي جي بندر بانٽ ڪئي وئي. ڪجهه قلم ڌڻين به گهٽ ڪونه ڪئي آهي. جهوني صحافي ڊيوڊ لطيفي چيو ته هت جنهن به ڪرپشن خلاف آواز کنيو آهي ان مٿان ڪوڙا الزم هڻي انهن کي به خاموش ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ميڊيا لکي لکي پئي پر ڪوبه ڏهرڪي واسي روڊ رستي تي نه نڪتو. جڏهن اسين پڇاڻو ڪندڙ به تماشائي ٿي ويهي رهنداسين ته شهر جي تباهي ته ٿيڻي هئي. سماج سڌارڪ تنظيم “لاٽ” جي اڳواڻن رميش ڪمار ۽ طارق سومرو چيو ته شهرين ڏهرڪي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿي لاٽ ته ٻاري آهي هاڻي ان لاٽ کي مسئلن جي حل تائين جدوجهد جاري رکڻي آهي. هن چيو ته شهر ۾ پبلڪ لائبريري ڪانهي نوجوان نسل کان راندين جو ميدان کسيو ويو آهي. پبلڪ پارڪ ۾ سرعام جوا، شراب ۽ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن پر پوليس ۽ ضلعي انتظاميه مجرماڻي چپ ڪيو ويٺا آهن. آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نوبت ناز ڏهر، غفار شر، ڊاڪٽر ڀورا رام، پيشو رام، اشوڪ رهڙڪا، حفيظ راڄڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي آخر ۾ مڙني پارٽين جي اڳواڻن هٿ مٿي ڪري ڏهرڪي جي تباهي جو ذميوار آغا سراج دراني، سيڪريٽري، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ٽي ايم اوز کي قرار ڏيندي هنن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button