مختصر خبرون

ڊاڪٽر قاصد ملاح لاکين جي دڙي تي قبضي ۽ بي ڌياني کي تاريخ جو وڏو نقصان قرار ڏئي ڇڏيو

عمر سومرو، سکر
سکر جي سائيٽ ايريا ۾ واقع لاکين جي دڙي جي ٻن سالن بعد ٻيهر کوٽائي جو ڪم ڪندڙ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر قاصد ملاح لاکين جي دڙي تي قبضي ۽ بي ڌياني کي تاريخ جو وڏو نقصان قرار ڏيندي ان کي محفوظ ڪرڻ تي زور ڏنو آهي سندس چوڻ هو ته موئن جي دڙي جيان هن تاريخي ماڳ مان به ڪيتريون ئي قيمتي شيون نڪتون آهن جن کي جاچڻ مان ثابت ٿيو آهي ته هي ماڳ به ساڍا 5 هزار سال پراڻو آهي هن جي ايريا 3 اسڪوائر ڪلوميٽرآهي هي سنڌ جو چوٿون وڏو شهر آهي هن سکر جي تاريخي ماڳ سان بهتر سلوڪ نه ٿيڻ جي ڪري هن وقت هي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي هڪ حصي تي رهائش ٻئي تي انڊسٽريز۽ ٽئين حصي تان مٽي ڪڍي پئي وڃي هن جو اسٽيڪچر تباهه ٿي ويو آهي هن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي شيون مٽي جي هيٺان دٻيل آهن هن ٻڌايو ته اسان هن تاريخي ماڳ کي ڪاغذن ۾ محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون واضع رهي ته ٻه سال اڳ 2009۽سال2010 ۾ به شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ پاران هن دڙي جي کوٺائي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي شيون ڪڍرايون ويون هيون ان دوران ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو پڻ دورو ڪري هن ماڳ کي محفوظ بنائڻ ۽ ميوزيم ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو هو ان جي ڪجهه مهينن گذرڻ بعد ئي هن دڙي کي وساري ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهرڊاڪٽر قاصد ملاح پاران هن تاريخي لاکين جي دڙي جي کوٺائي شروع ڪرائي وئي آهي لاکين جي دڙي بابت سکر جي ناليواري وڪيل غلام شبير کوسو پاران اهي به انڪشاف ٿي چڪا آهن ته لاکين جو دڙو موئن جي دڙي کان به اڳ جو تاريخي ماڳ آهي پر افسوس جو هن تاريخي ماڳ لاءِ صوبائي ،وفاقي سرڪار سميت هتان جي چونڊيل نمائندن ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو رڳو ڪجهه عرصو هي دڙو اخبارن ۽ ميڊيا جي زينت بڻجي ٿو ۽ پوءِ خاموشي ٿي وڃي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button