سکر

ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ڊويزن جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو مظاھرو ڪيو

ملازم پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي
ملازم پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي
سکر (بيورورپورٽ) ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر ڊويزن جي ملازمن جي وڏي انگ گذريل ڏهن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو برڪت علي، اطهر علي، فياض پٺاڻ، سيد ضرار حسين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز خلاف سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز عبدالحميد چنڙ جي نا اهلي ۽ نامناسب رويي جي ڪري سکر ڊويزن جا 2 4 5 ملازم ڏهن مهينن جي پگهارن جي عدم ادائگي سبب فاڪا ڪشي تي مجبور آهيون، هنن ٻڌايو ته ڏهن مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي پر اسان کي پگهارون ادا نه ڪيون ويون آهن اسان جي گهر جا چلها به ٿڌا ٿي چڪا آهن، عزيز ۽ دوست کان اوڌر وٺي گهر جو گذارو ڪري رهيا آهيون پر ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز عبدالحميد پنهنجي هٺ ڌرمي قائم ڪري ويٺو آهي، جنهن جي ڪري سکر ڊويزن جي ملازمن ۾ شديد بيچيني ڦهليل آهي، هنن چيو ته پگهارن جي ادائگي جي سلسلي ۾ ملازمن پاران پنهنجي وڪيل ضمير گهمرو جي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هو ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز عبدالحميد چنڙ جي ملازمن سان ڪئي ويندڙ ز يادتين جو نوٽيس وٺي ڪري ملازمن کي درپيش مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ پگهارن جي عدم ادائگي جي ڪري گهر جي ڪفالت لاءِ ملازم مجبور ٿي ڪري احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button