سکر

پي ايس ٽي جا آرڊر نه ملڻ واري عمل خلاف احتجاج 181 ڏينهن ۾ داخل

PST candidates protestingسکر (بيورورپورٽ)ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي باجود پي ايس ٽي جا آرڊر نه ملڻ واري عمل خلاف سکر پريس ڪلب آڏو انوکا احتجاج ڪندڙ عبدالرشيد چني ڪالهه 181 ڏينهن تي حڪمرانن کي الله جا واسطا ڏيندي آرڊر ڏيڻ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافي تي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي پنهنجي ساٿي غلام مصطفيٰ سومرو ۽ ابراهيم عباسي سان گڏ احتجاج ڪندڙ جو وڏيڪ چوڻ هو ته هاڻي پ پ حڪومت جا آخري ڏينهن آهن حڪمرانن کي گهرجي ته هو ويندي ويندي اسان کي پي ايس ٽي جا آرڊر ڏئي پنهنجو حق ڏنو وڃي ڇوته احتجاج ڪرڻ کانپوءِ هوفاقه ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button