خيرپور

پنهنجي ملڪ کي پوليو فري ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺڻ گھرجن، طاهر حسين سانگي

ڊي سي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي
ڊي سي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي
خيرپور:ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي چيو آهي ته دنيا اندر تمام گهٽ ملڪ آهن جيڪي اڃان پوليو فري قرار نه ڏنا ويا آهن جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي جڏهن ته ي پوليو جي خاتمي لاءِ يونين ڪائونسل جي سطح کان، صوبائي ۽ ملڪي توڙي بين اقوامي سطح جون گڏيل ڪوششون ورتيون پيون وڃن. هن اهڙو اظهار پوليو جي خاتمي لاءِ جوڙيل ضلعي سطح جي ڪاميٽي (ڊي پيڪ) جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي خيرپور چيو ته پاڙيسري ملڪ کي پوليو فري ملڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي اسان جي لاءِ اهو چيليج بڻيل آهي ته اسان پنهنجي ملڪ کي پوليو فري ملڪ قرار ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺون. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ عالمي توڙي ملڪي سطح تي گڏيل ڪوششون ورتيون پيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه پاران پڻ صحت توڙي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ يونيسيف جي تعاون سان ضلعي اندر پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته هن مهيني ۾ پوليو مهم جنوري 28 کان جنوري 30، 2013 تائين ٿيندڙ پوليو مهم ۾ صحت، روينيو، تعليم، اين سي ايڇ ڊي، لوڪل گورنمينٽ توڙي ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداش نه ڪئي ويندي. ڊي سي خيرپور چيو ته ضلعي ضلعي ۾ رهندڙ هر هڪ ٻار کي پوليو جا ڦُڙاپياريا وڃن ۽ جتي به ڪو مسئلو هجي ان سلسلي ۾ کيس آگاهي ڏني وڃي ته جيئن پوليو جي خاتمي جي مهم کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. ان موقي تي گڏجاڻي ۾ پوليو جي رفيوزل ڪيسن ، ڪولڊ چين ۽ پوليو ٽيمن جي حفاظتي اتنظامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊي سي خيرپور لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ڪئپٽن احسان الله سيال، سول سرجن ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي، اي ايس پي خيرپور وقار شُعيب، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڪئپٽن انوارالحق، نيشنل پروگرام جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نجف علي شاهه، ڊاڪٽر نثار علي ڦلپوٽو، مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، مختيارڪارن، لوڪل گورنمينٽ، يونيسيف ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button