مختصر خبرون

پاڪستان پيپلز پارٽي هاڻي صرف نالي جي پارٽي بڻجي وئي آهي،وحيد اعواڻ

سکر(بيورورپورٽ)پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن (فنڪشنل) سنڌ جي نائب صدر وحيد اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هاڻي صرف نالي جي پارٽي بڻجي وئي آهي، ۽ هاڻي هر ماڻهو اهو ڄاڻي چڪو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سٽي سکر آفيس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي دوران ڪيو، سکر سٽي جي صدر الاهي بخش انيل ڀٽي، ايم ايس ايف ضلعي صدر رياض احمد ڪلهوڙو ۽ ٻيا عهديدار ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا، هنن وڌيڪ چيو ته هي ڪيترا ڪرپٽ سياستدان آهن جن سنڌ کي رليف ڏيڻ بدران سنڌ کي لوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر سنڌ جو ٻچو ٻچو سجاگ ٿي چڪو آهي ۽ هنن ڪرپٽ سياستدانن جي اهڙي ڪريل منصوبي کي سنڌ جو عوام ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندو، ۽ سنڌ جي عوام فنڪشنل جي هر پليٽ فارم تي اسان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ انشاءُالله اڳتي به ڏيندو، آخر ۾ ايم ايس ايف سکر سٽي جي ناقص ڪارڪردگي سبب متفقه راءِ سان ايم ايس ايف سکر سٽي جي نئي باڊي جوڙڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button