مختصر خبرون

ٽيوب ويل خراب هجڻ ۽ سم جي ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه

ھنڱورجا: اسڪارپ سڀ ڊيوزن راڻيپور جا 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل خراب هجڻ ۽ سم جي ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وڃڻ خلاف سنڌ آبادگار اتحاد تعقي سوڀوديرو جي سڏ تي ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو ، خدا بخش سهتو، لونگ خان حطار، ممتاز سهتو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ هارين شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پري ڪلب آڏو اسڪارپ کاتي جي عملدارن جي خلاف ڌرڻو هني نعريبازي ڪئي . آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته اسڪارپ سب ڊويزن راڻيپور جو 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ڪري تعلقي سوڀوديرو جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۽ ڪيترائي ڳوٺ سم جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن . جنهن سان ابادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچي رهيو آهي جڏهن ته اسڪارپ کاتي جا ڪامورا ٽيوب ويلن جي مرمت لاءِ ايندڙ سرڪاري رقم ڪاغزن جو پيٽ ڀري هڙپ ڪري ڇڏين ٿا . هنن پهرين فيبروري کان اسڪارپ کاتي جي ڪامورن ۽ سم جي آزار خلاف تعلقي سوڀوديرو ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري هنڱورجا ۾ بک هڙتالي ڪئمپ لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button