سکر

ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سکر سٽي جي ملازمن پاران احتجاجي ريلي

TMA Employeesسکر(رپورٽر) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سکر سٽي جي ملازمن پاران پگهارن جي عدم ادائيگي جي باعث ملازمن پاران آفيسن جي تالابندي ڪري ميونسپل آفيس کان پريس ڪلب سکر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميونسپل آفيس سکر کان ڪڍي ويل ريلي ۾ ريٽائر ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي احتجاجي ريلي ۽ مظاهري جي قيادت شبير اعواڻ، گلبهار شيخ، ۽ آصف علي پاران ڪئي، ان موقع تي مظاهرين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا، مظاهرين جو چوڻ هيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سکر سٽي جي نا اهل ايڊمنسٽريٽر پگهارون ۽ پينشن جي ادائيگي جي لاءِ مهلت گهري هئي، هاڻي ان مهلت کي به هڪ مهينو گذري چڪو آهي، پر اڃان تائين ملازمن کي پگهارون ادا نه ڪيون ويون آهن، هنن جو چوڻ هيو ته اسان کي پگهارون نه مليون آهن جنهن جي ڪري ملازم شديد پريشان آهن، هنن چيو اسان جي گهرن ۾ فاقن جي نوبت اچي پهتي آهي، اسڪولن جون فيسون جمع نه ڪرائڻ جي ڪري اسان جا ٻار تعليم کان به دور ٿي ويا آهن، هنن اعليٰ اختيارين سميت وزير اعليٰ سنڌ ۽ سکر جي چونڊيل نمائندن کان پرزور اپيل ڪيون ٿا ته اسان کي پينشن ۽ پگهارن جي فوري ادائيگي جي لاءِ قدم کنيا وڃن، جيڪڏهن فوري پگهارن جي ادائيگي نه ڪئي ويندي ته آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ان جي تمام ذميداري اتنظاميا تي عائد ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button