سکر

ٻيلي کاتي ۾ ٿيل اربين روپين جي بدعنوانين خلاف ھڙتال

Forest employees سکر(بيورورپورٽ) ٻيلي کاتي ۾ ٿيل اربين روپين جي بدعنوانين ۽ ڪرپشن جي خلاف فاريسٽ ورڪر ايسوسئيشن سنڌ جي احتجاجي تحريڪ سکر پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، فاريسٽ ورڪرز ايسوسئيشن سنڌ جي صدر محمود گهمرو، جنرل سيڪريٽري شمس کوسه، نائب صدر نهال خان چانديو، نائب صدر خادم ملڪ ۽ ٻين ڪارڪنن ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي، هن صدر پاڪستان، چيف جسٽس ۽ وزيراعليٰ سنڌ ۽ اينٽي ڪرپشن۽ نيب کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته سيڪريٽري جهنگلات، ڪنزويٽر، ڊپٽي سيڪريٽري کي کاتي کي تباه ۽ برباد ڪرڻ جي ڏوه ۾ عهدن تان هٽائي غير جانبدار طرح سان انڪوائري ڪرائي وڃي، بدين ۾ ٿيل محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان ٺهندڙ سفاري پارڪ ۽ گهوٽڪي ۾ سفاري پارڪ ڪروڙن روپين جي بدعنوانين ۽ ٻيلي کاتي جي ذميواري پنهنجي من پسند ماڻهن کي رشوت جي عيوض ڪروڙين روپين جا وڻ ڪٽرائي کاتي کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ فوتي ڪوٽا تي جلد از جلد عملدرآمد ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button