آرٽيڪل

وڇڙيو آھين پر وسريو ناھين

عابد حسين شر
سنڌ ڌرتي اھڙين شخصيتن کي جنم ڏنو آھي جيڪي ٿورڙي عرصي ۾ پنھنجو ۽ پنھنجي علائقي جو نالو روشن ڪنديون آھن ان معزز شخصيتن ۾ ضلع خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ ھڪ اھڙو شخص به ھيو جنھن پنھنجي محنت جدوجھد جي ذريعي غريب خاندان سان تعلق ھئڻ باوجود تعليم وسيلي پنھنجو نالو روشن ڪيو .ظفر علي شر اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته نه آھي پر علائقي واسين لاءِ سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھجي
ظفر علي شر ھڪ تمام غريب خاندان سان تعلق رکندڙ گھراڻي ۾ جنم ورتو سندس پيدائش 20 ڊسمبر 1941 ع ۾ ٺري ميرواھ جي ڳوٺ حاجي مبارڪ شر ۾ ٿي سندس والد جو نالو حاجي رمز علي ھيو. ظفر علي شر ابتدائي تعليم ڳوٺ رسول پور مان حاصل ڪئي مئٽرڪ 1961 ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ مان حاصل ڪئي پاڻ ننڍي ھوندي کان ئي محنتي ۽ ھوشيار ھوندا ھيا تنھن دور ۾ 7 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڳوٺ کان اسڪول پڙھڻ لاءِ ويندا ھيا.
ميٽرڪ ڪرڻ کان بعد ساڳئي سال 1961ع ۾ جونئير اسڪول ٽيچر اپائنٽمينٽ ٿيا استاد ٿيڻ بعد ھو پڙھائي جي معاملي ۾ تمام سخت ھوندا ھيا اسڪول کان غير حاضر رھندڙ شاگردن جي گھر وڃي اسڪول نه اچڻ جا سبب معلوم ڪندا ھيا جيڪڏھن ڪنھن غريب شاگرد وٽ ڪتابن لاءِ پئسا ھوندا ھيا ته ھو ان کي ڪتاب به وٺي ڏيندا ھئا .سندس تعليم جي معاملي ۾ تمام گھڻي دلچسپي ھوندي ھئي سندس اھا خواھش ھئي ته ڪوبه ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم نه ھجي ڇوته تعليم سان ئي سڀ ڪجھھ ممڪن آھي4 (640x493)
سندس پڙھايل شاگردن ۾ ھن وقت ڪيترائي ڊاڪٽر انجنيئر ۽ ٻين اعليٰ عھدن تي ويٺل آفيسر آھن.
طفر علي شر 14 سال جونيئر اسڪول ٽيچر رهڻ کانپوءِ سال 1975 ۾ ٽرينڊ گريجوويٽ ٽيچر فيڊرل گورنمينٽ اسلام آباد ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون جنهن بعد سال 1976 ۾ ليڪچرر طور پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو جنهن بعد ساڳئي سال 1976 ۾ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر ۾ ليڪچرار پڻ رهيو جنهن بعد 1976 ۾ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري مختيارڪار ٿيو جيڪو سال 1979 تائين خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ مختيارڪار جو فرض سرانجام ڏنا .
سال 1981 کان 1982 تائين مختيارڪار شڪارپور رهيا. جنهن کان پوءِ 1982 کان 1984 تائين ٺٽي ضلعي ۾ مختيارڪار رهيو پنهنجي نوڪري تمام بردباري ۽ هوشياري سان ڪئي سندس جو شماران وقت جي سٺن آفيسرن ۾ ٿيندو هو سال 1985 ۾ مختيارڪار جي پوسٽ تان پروموشن ٿئي( اي سي ايم) ڪراچي مقرر ٿيو جتي 1989 تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا سال 1989 ۾ ان وقت جي حڪومت لاڙڪاڻي کي ڊويزن جو درجو ڏنو ۽ اتي ڪمشنر آفيس مقرر ڪئي وئي جتي اسٽنٽ ڪمشنر جنرل لاڙڪاڻو مقرر ٿيو جنهن کان پوءِ 1990 ۾ سب ڊويزنل مجسٽريٽ ايس ڊيم ايم تعلقه وارهه ضلعه لاڙڪاڻو پڻ رهيو سال 1990 ۾ تنهن دور جي حڪومت نوشهرو فيروز کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو جتي نئي سب ڊويزن ڪنڊيارو ٺاهي وئي جنهن ۾ سندن جي پوسٽنگ ايس ڊي ايم طور ٿئي پنهنجي نوڪري اصولن تحت ڪئي ڪنهن به سياسي دٻاءَ ۽ سفارشن کي نه مڃيندا هئا.

ھڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي
ھڪ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي

انتظامي فيصلاميرٽ جي بنياد تي ڪندا هئا جنهن بعد 1992 کان 1993 تائين( اي سي ايم) ڪراچي پڻ رهيا ساڳئي سال ۾ ايس ڊي ايم جيڪب آباد رهيا جنهن کان پوءِ 1993 کان 1994 تائين ايس ڊي ايم سب ڊويزن سجاول ضلع ٺٽو رهيو ڪجهه عرصي لاءِ ريزيڊنٽ مجسٽريٽ هالا ضلع حيدرآباد مقرر ٿيا جنهن کان پوءِ 1996 ۾ ترقي ماڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيٽلمينٽ خيرپور مقرر ٿيو ان کان پوءِ 1997 ۾ سيڪريٽري (لينڊ يوٽيلائيشن بورڊ آف روينيو سنڌ حيدرآباد پڻ مقرر ٿيا سال 1998 ۾ ايڊيشنل ڪمشنر 2 سکر مقرر ٿيا جنهن پوسٽ تان سال 2001 ۾ رٽائرمينٽ ورتي.
سندس ياداشت تمام تيز هوندي هئي تنھن دور ۾ دوستن سان جيڪو به موضوع ڪچهري ۾ کلندو هيو ان تي ڳالهائي سڄي ڪچهري تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا ڪتابن جو مطالعو ۽سٺا ڪتاب گڏ ڪرڻ سندس شوق هيو پنهنجي گهر ۾ تاريخ ،قانون ۽ مذهب جي ڪتابن جي مضمونن جي لاءِ لائبرري قائم ڪيائين.
پاڻ ايم اي انگلش سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي ۽ ايل ،ايل ،بي پڻ ٿيل هين. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائون پهريائين لوئر ڪورٽ ۽ ان کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جا وڪيل ٿيا هئا سال 2005 ۾ ننڍي ڀاءُ فقير بهادر علي جي اوچتي وفات ٿيڻ جي ڪري صدمي ۾ هليا ويا جنهن بعد طبعت به ساٿ نه ڏنو ۽ طبيعت جي ناسازي ڪري گهر ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪندا هئا.
پاڻ ايترا ته ايماندار آفيسر ھئا جو پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي عھدن تي رھڻ باوجود پنھنجي مال ملڪيت ۾ پنھنجي رھائس جي گھر تائين پاڻ کي محدود رکيائون هئا ڪنهن ماڻهون کي اها جرئت ڪانه هوندي هئي جو کيس کان ڪو عهدي جي لحاظ کان ڪو غلط ڪم وٺي سگهي. .مرحوم اهو ستارو هيو جنهن تعليم جي ميدان ۾ نه صرف رڪارڊ قائم ڪيو پر ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا ۽ انهن جي مالي سهائتا پڻ ڪئي پاڻ تمام شفيق انسان هئا ۽ پاڻ علم جو داستان هئا . بنيادي طرح مذهبي ۽ انصاف پسندي جا پاسدار ھئا اولاد جي تعليم ۽ تعميرات سان گهڻي دلچسپي هين برادري ۾ ننڍن وڏن سان عزت سان ملندا هئا تمام همدرد ۽ شفيق گفتگو ۾ پاڪ صاف لهجو رکندا هئا .1 (640x535)
رٽائرمينٽ کان پوءِعلائقي جي غريب طبقي۽ برادري جي تاريخ تي ڪتاب لکيائون جنهن تي تمام سخت محنت ڪيائون جيڪو وقت ساٿ نه ڏيڻ ڪري ڇپائي نه سگهيا پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکيائون جيڪا پڻ ڇپجي سندس پسنديده سياسي شخصيتن ۾ غلام مصطفيٰ خان جتوئي ۽ پيرپاڳارو شاھ مردان شاھ سندس پسنديده شخصيتون ھيون پاڻ جڏھن ناچاڪ ٿيا ته سندس کان غلام مرتضيٰ خان جتوئي سميت ايم پي اي مير عابد جتوئي سميت ڪيترائي اڳواڻ ظفر علي شر وٽ لڙي آيا
سندس وفات 2 ڊسمبر جي ظالم ڏينھن ٿي ٿئي جنھن بعد ھو جسماني طور تي ته اسان کان وڇڙي ويو پر روحاني طور ھو اسان جي دلين زنده آھي ۽ رھندو .اڄ مرحوم ظفر علي شر اسان جي وچ ۾ نه رھيو آھي پر سندس غريب اٻوجھ ماڻھن جي ڪيل خدمتون ھميشه ياد رھنديون
.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button