مختصر خبرون

وزير راڄپر جا وارث انصاف جي اسيئڙي ۾

سکر(بيورورپورٽ) نوشهرو فيروز ۾ چار مهينا اڳ خودڪشي ڪرڻ واري تعليم کاتي جي ملازم وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو، ۽ انصاف جي لاءِ دربدري جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن، خودڪشي ڪرڻ واري ملازم جي وارثن پاران سکر پريس ڪلب جي آڏو انصاف جي فراهمي جي لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي ۽ احتجاج ڪيو،وارثن علي گل راجپر، جاني، ساجد، ماجد ۽ ٻين ان موقع تي ميڊيا کي ٻڌايو ته وزير راجپر جي خودڪشي کي چار مهينا ٿي ويا آهن، پر هن وقت تائين اسان انصاف جي لاءِ درپدر آهيون، ۽ نه ئي تعليم کاتي جي انهن آفيسرن جي خلاف ڪائي ڪاروائي ڪئي وئي، جنهن جي باعث وزير راجپر اهڙو قدم کڻڻ تي مجبور ٿيو، هنن ٻڌايو ته وزير راجپر جي پنجن سالن جون پگهارون ۽ لون جي رقم هڙپ ڪئي وئي، جنهن جا ثبوت اسان اعليٰ اختيارين کي فراهم ڪيا، پر غريب جو ڪوئي نه آهي، ان ڪرپشن ۾ ملوث اهلڪار اڄ به آرام سان ڊوٽيون ڏئي رهيا آهن، پر وزير راجپر جي گهر ۾ اڄ به صف ماتم وڇيل آهي،پر آفيسرن ۽ حڪمرانن کي انهن جي دردن جي ڪائي پرواهه نه آهي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، صدر پاڪستان ، وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته وزير راجپر جي گهروارن کي انصاف فراهم ڪري ان جي موت جو سبب بڻجڻ وارن اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن ٻيهر ڪوئي وزير راجپر پنهنجي موت پاڻ نه مري.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button