آرٽيڪل

هنڱورجا ۾ اغوا ٿيل معصوم رافع ميمڻ والدين کي ڪڏهن ملندو

تحرير : غلام حسين چانگ
Ghulam Hussain Changٻار ڪائنات جو انتهائي خوبصورت اهو گل آهي جيڪو جنهن گهر ۾ ناهي ته اهو گهر ٻسو نظر ايندو آهي ۽ جنهن گهر ۾ معصوم ٻار راند روند ڪندي ٻاتي ٻولي ڳالهائيندو رهي ٿو ته ان گهر جا ڀاتي ان ٻار سان پنهنجي محبت جو اظهار گلاب جهڙي ڳلڙن تان چميون پائي ڳلي لڳائي ٻاتي ٻولي ۾ ئي کيس سان مخاطب ٿين ٿا . ٻار اهو گل آهي جيڪو ڪنهن شهر ، ڪنهن گهٽي ، ڪنهن رستي تي بيٺل نظر اچي ٿو ته گذرندڙ ماڻهو ان ٻار کي ڏسي خوشي وشان نهاري ۽ ان سان به پيار ڪري ٿو پر جيڪو ماڻهو زماني جي ڪمن ڪارن توڙي ڌنڌي سان ٻاهر سڄو ڏينهن ٿڪجي جڏهن پنهنجي گهر ۾ واپس اچي ٿو ته ان وقت معصوم ننڍڙو ٻار کيس کي پنهنجي ٻاتي ٻولي ۾ با با ، ابو ، امي ، ڪري پڪاري ٿو ته ان ٿڪاوٽ ۾ چور ان ماڻهو جا سڀئي ٿڪ لهي وڃن ٿا . ان وقت کيس کي پنهنجي پيٽ جي بک به ياد نٿي رهي. جڏهن ڪنهن شادي شدا جوڙي کي اولاد ناهي ٿيندو ته اهو اولاد لاءِ سڄو ڏينهن ڌڻي در ٻاڏائيندو رهي ٿو ايتري قدر ته مرد اولاد نه ٿيڻ جو قصور وار ڪڏهن ڪڏهن عورت کي بڻائيندي ان کي تلاق ڏئي ڇڏين ٿا، ۽ پوءِ هن سماج جو اهو مرد وري اولاد جي حاصلات لاءِ ٻي عورت سان شادي ڪري ڇڏي ٿو . ٻار ڪائنات جي خوبصورت باغيچي جو اهو گل آهي جنهن سان هر دل رکندڙ انسان بيحد پيار ۽ پاٻوهه سان پيش اچي ٿو. پر خبر ناهي اسان جي سماج ۾ ان بيسمجهه ۽ بيقصور ٻار سان اهڙا ته سانحه پيش اچن ٿا جنهن تي هر سانڃاهه وند ماڻهو جي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي . اسان جي هن سماج ۾ قبيلائي جهيڙن ۽ زاتي جهيڙن، سياسي جهيڙن ۾ اڪثر ڪري پلاند طور معصوم ٻار کي نيشانو بڻايو وڃي ٿو. ڪڏهن معصوم نينگر کي بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ، ڪڏهن معصوم ٻار کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري معصوم ٻار کي جنسي هوس جي نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري ٻار کي پيسن جي خاطر اغوا ڪري والدين کي پيسا ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو اسان جي هن سنڌ ۾ اهڙا هزارين واقعه اخبارن ۾ ، ٽي وي چينلن تي رپورٽ ٿي چڪا آهن . اهڙو ئي دردناڪ ۽ ڀيانڪ واقعو سال 2013 جي شروعات واري جنور مهيني جي ٻئي هفتي ۾ وزير اعلي سنڌ جي ضلعي خيرپور جي پر امن شهر هنڱورجا ۾ جمعي جي نماز بعد پيش آيو . شهر جي انتهائي پرسڪون ۽ پرامن سمجهيو ويندڙ ميمڻ محلي مان 6 سالن جي معصوم نينگر رافع ميمڻ کي اغوا ڪيو ويو. رافع ميمڻ جو والد حمادالله ميمڻ جيڪو سماج سڌارڪ اڳواڻ آهي ۽ هن جي ڪنهن سان ڦٽايل ناهي پر ان باوجود هٿياربندن ان جي ئي پٽ کي اغوا ڇو ڪيو جنهن جو پتو اڄ تائين پئجي ناهي سگهيو. رافع ميمڻ جي اغوا کان پوءِ شهر ۾ خوف حراس ڇانيل آهي ۽ رافع جي بازيابي لاءِ اڄ تائين جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون آهن ان جو رزلٽ هن وقت تائين زيرو بيٺل آهي Rafiu. رافع جي اغوا واري واقعي تي سڄو شهر سراپا احتجاج بڻجي روڊ تي نڪتو ۽ ايتري قدر جو درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين ۽ فنڪشنل ليگ جو صوبائي اڳواڻ پير سيد ڪاظم علي شاهه هزارين شهرين ۽ پنهنجي مريدن توڙي پارٽي ڪارڪنن سان گڏ قومي شاهراهه تي 6 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي هيٺ ويٺل رهيو ۽ اتي خيرپور ضلعي پوليس انتظاميه جي سربراهه ايس ايس پي خيرپور عرفان مختيار ڀٽو 24 ڪلاڪن جي اندر نينگر کي بازياب ڪرائي ڏوهارين جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو واعدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو هيو پر ايس ايس پي جي ڪيل واعدي کي ٻن هفتن کان وڌيڪ عصو گذري ويو آهي پر معصوم نينگر اڃا تائين ڏوهارين جي قيد ۾ آهي . آخر رافع ميمڻ کي بازياب ڪرائڻ ڪنهن جي زميواري آهي . نينگر جي گهر ۾ قيامت صغرا جهڙو منظر نظر اچي ٿو . نينگر جي امڙ مسلسل پاڳلن جيان پنهنجي معصوم رافع کي گهرجي ڪمرن ۾ توڙي گهر ٻاهريان گهٽين ۾ ڳولهيندي ۽ رڙيو ڪندي رهي ٿي . هاڻي ته ان امڙ جي اکين جو پاڻي به روئڻ سبب سڪي ويو آهي ۽ ان کي پڪو يقين آهي ته سندس کي پٽ ضرور ملندو اڪيلي پٽ جي والدين جي دل مان هن وقت ڇا گذرندي هوندي اهو صرف ان جا والدين ئي ٻڌائي سگهن ٿا . معصوم نينگر رافع ميمڻ جي بازيابي لاءِ سندن وارثن سنڌ جي اها ڪنڊ ناهي ڇڏي جتي ڳولها نه ڪئي هجي پر انينگر کي ڳولهڻ ۽ بازياب ڪرائڻ پوليس جو ئي ڪم آهي پر اسان جي پوليس روايتي طريقي سان ڪجهه هنڌن تي ڇاپا هڻي ڪجهه ماڻهن شڪ ۾ گرفتار ڪري ۽ پوءِ انهن کي ئي پئسن عيوض آزاد ڪري ڄڻ پنهجو فرض پورو ڪري ٿي . اغوا ٿي ويل جي بازيابي لاءِ ڊي آءِ جي سکر سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کي نينگر کي بازياب ڪرائڻ جو سخت هدايتون ڪيون آهن . جڏهن ته معصوم نينگر جي اغوا کان پوءِ علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي ۽ شهر جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جو انگ گهٽجي ويو آهي ، پر ان سڄي صورتحال ۾ تڪ جا چونڊيل نمائندا گم آهن . هن وقت تائين مغوي نينگر جي وارثن کي سکڻو دلاسو ڏيڻ لاءِ به ناهن پهتا. اسان هتي وزيراعلي سنڌ جو توجهه رافع ميمڻ اغوا واري واقعي ڏانهن ڇڪائيندي صرف ايترو چئون ٿا ته ڪائنات جي خوبصورت گل ٻارڙن جي اغوا وارن واقعن کي ٻنجو ڏئي اهڙيون ڪاروايون ڪندڙن کي قانون جي گرفت ۾آندو وڃي ۽ معصوم رافع ميمڻ کي بازياب ڪرائي ان جي گهر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان رسي ويل خوشي واپس ڪرائي وڃي. هاڻي رافع ميمڻ ڪڏهن ٿو بازياب ٿيندو اها سموري ذميواري پوليس انتظاميه جي آهي.

غلام حسين چانگ صدر پريس ڪلب هنڱورجا
03003139603
ghchang34@yahoo.com

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button