اسلام آباد

نيب جي چيئرمين ايڊمرل (ر) فصيح بخاري پاران صدر آصف علي زرداري کي خط

Admiral-R-Fasih-Bokhariاسلام آباد : قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ايڊمرل (ر) فصيح بخاري صدر آصف علي زرداري کي خط لکيو آهي جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته عدليه ۽ ميڊيا جي هڪ حصي طرفان قومي احتساب بيورو آرڊيننس (اين اي او) جي خلاف ورزي ڪندي جاچ مڪمل ٿيڻ کانسواءِ ڪجهه سينئر سياستدانن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ جيڪڏهن هي معاملا فوري طور تي حل نه ٿيا ته هو استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو، ڪالهه سومر ڏينهن نيب طرفان نيب چيئرمين جي خط جو متن جاري ڪيو ويو جنهن موجب ايڊمرل (ر) فصيح بخاري چيو آهي ته نيب جاچ جي نگراني سان جاچ جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي سپريم ڪورٽ جي تسليم ٿيل اختيار جي وچ ۾واضح لڪير آهي ۽ هي جاچ جي اڳوڻي ۾ به شريڪ ٿي وئي آهي، جيڪا چونڊون ويجهو اچڻ وقت هڪ قسم جي ڌانڌلي نظر اچي رهي آهي، توهين عدالت جا نوٽيس، زباني حڪم جيڪي لکت وارن حڪمن کان مختلف هوندا آهن ۽ مختلف اڳڀرائي بابت رپورٽن جي تياري لاءِ ناڪافي وقت سبب ججن جي سامهون پيش ٿيندڙ اهلڪارن تي بي پناهه دٻاءُ جو سبب آهن، هن چيو ته هي خطرو به موجود آهي ته نيب اهلڪارپنهنجي غير جانبداري ئي نه وڃائي ويهن ۽ عدليه طرفان دٻاءُ جي بنياد تي انهن خطن جي پيروي خاطر جيڪي اعليٰ عدليه جي مرضي ڏسڻ اچن پيا ڪٿي غير جانبداراڻي انداز ۾ جاچ جي قابل ئي نه رهن
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button