مختصر خبرون

محرم علي شاهه کي فنڪشنل مسلم ليگ ضلع خيرپور جو صدر مقرر ڪيو ويو

هنڱورجا: فنڪشنل مسلم ليگ جي صدر پير صدر الدين شاهه راشدي ، جنرل سيڪيٽري امتياز شيخ ، طرفان ضلع خيرپور جي صدر نياز حسين شاهه کي هٽائي ان جي جڳهه تي پير سيد محرم علي شاهه کي ضلع خيرپور جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. سيد محرم علي شاهه جي ضلعي صدر مقرر ٿيڻ جي خوشي ۾ هنڱورجا ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن تعلقي صدر سيد عباس علي شاهه ، ليبر ونگ ضلعي صدر عزيز سهتو، مجيد قريشي، اشتياق سولنگي جي اڳواڻي ۾ لڪياري هائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سيد محرم علي شاهه جي ضلعي صدر مقرر ٿيڻ سان ضلعي اندر فنڪشنل مسلم ليگ اڃابه وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button