مختصر خبرون

مبينا طور اغواٿيل ٻارڙي جو پتو نه پيو

هنڱورجا جي ميمڻ محلي مان هڪ هفتو اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو. صحافي عزيزالله ميمڻ جو ڀائٽيو ۽ سماجي اڳواڻ حمادالله ميمڻ جو اڪيلو معصوم پٽ جي اغوا واري واقعي کي 7 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس اڃا تائين ڪک به ٻيڻو ناهي ڪيو جنهن جي ڪري وارثن جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي . معصوم نينگر رافع ميمڻ جي امڙ بيهوشي واري حالت ۾ آهي . مغوي نينگر جي پيءُ حمادالله ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي 6 سالن جي معصوم نينگر رافع کي اغوا ڪري گهر اجاڙي ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي. جڏهن ته نينگر جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن شهري اتحاد جي اڳواڻ عبدالفتاح ميمڻ ،جاويد ميمڻ ، غلام حسين، نعمت الله ميمڻ ، فياض سولنگي، محمد صديق سولنگي، جاويد جانوري جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي علامتي بک هڙتال ڪئي. مظاهرين الزام لڳايو ته معصوم نينگر کي 7 ڏينهن گذري ويا آَهن پر ان باوجود پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي . ايس ايس پي خيرپور واعدو ڪيو هيو ته نينگر کي ٻن ڏينهن اندر بازياب ڪرايو ويندو پر هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس کيس کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. پوليس مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. مظاهرين معصوم نينگر جي بازياب ڪرائڻ جون مطالبو ڪندي چيو ته اگر نينگر کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ڇنڇر 19 جنوري تي شٽر بند هڙتال ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو. مغوي جي پيءَ حمادالله ميمڻ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button