مختصر خبرون

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي بيچلرز پروگرامز جي نتيجي جو اعلان ڪري ڇڏيو

سکر(بيورورپورٽ)علامه اقبال اوپن يونيورسٽي (اي آءِ او يو) جي ڊپٽي ريجنل ڊائريڪٽر سکر عطا حسين موسوي ڄاڻايو آهي ته بهار سيمسٽر 2012 جي بيچلرز پروگرامز جا نتيجا يونيورسٽي جي ويب سائيٽ www.aiou.edu.ok تي جاري ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته شاگردن کي رزلٽ ڪارڊ پوسٽ ذريعي اماڻيا ويا آهن، جيڪڏهن انهيءَ جي باوجود 30 جنوري تائين ڪنهن شاگرد کي رزلٽ ڪارڊ نه ملي سگهيو آهي ته هو اي آءِ او يو جي امتحانن واري ڊپٽي ڪنٽرولر جي ٽيليفون نمبر 90573232-051 تي رابطو ڪن، جڏهن ته شاگرد پنهنجو رزلٽ ڪارڊ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ www.aiou.edu.pk ذريعي پاڻمرادو پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا. هن اهو پڻ ڄاڻايو ته پوري ملڪ مان 2 لک 45 هزار شاگردن هي امتحان ڏنو. نئين داخلائن متعلق ڄاڻائيندي هن ٻڌايو ته بهار سيمسٽر 2013 لاءِ ميٽرڪ کان ايم اي/ ايم ايس سي ليول جي پروگرامن ۾ داخلائون 21 جنوري کان شروع آهن. جڏهن ته ڊپٽي ريجنل ڊائريڪٽر اهو پڻ ڄاڻايو ته پِي ٽِي سِي، سِي ٽِي، بِي ايڊ، ميٽرڪ ۽ ايف اي پروگرامن جا نتيجا اڳ ۾ ئي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button