مختصر خبرون

سکر: نادرا ٽيمون مختلف ضلعن جو دورو ڪنديون

سکر(بيورورپورٽ) نادرا ريجنل هيڊڪوارٽر سکر جون گشتي موبائل گاڏيون ضلعي سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن کي ڪمپيوٽرائزد قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ 28 جنوري کان 08 فيبروري 2013 تائين مختلف جڳهن جو دورو ڪري رهيون آهن. تفصيل مطابق ضلع گهوٽڪي جي تعلقه ميرپور ماٿيلو، تعلقي اٻاوڙو جون يوسيز، اين آر سي گهوٽڪي تعلقه ۽ ضلع گهوٽڪي، اين آر سي ضلع لاڙڪاڻه تعلقه لاڙڪاڻه، تعلقه نئون ديرو، تعلقه رتوديرو، اين آر سي ضلع شڪارپور تعلقه شڪارپور، ضلع جيڪب آباد جي تعلقه ٺل ۽ تعلقه جيڪب آباد جون يوسيز، ضلع سکر جي تعلقه نيو سکر تعلقه پنوعاقل جون يوسيز ۾ نادرا جون موبائل ڳاڏيون ڄاڻايل ضلعن جي يوسيز ۾ ماڻهن کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪنديون. ماڻهن کي گهرجي ته هو نادرا جي ٽيمن سان قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ لهه وچڙ ۾ اچن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button