سکر

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي پنهنجي مرضي جو ليڊر آف دي اپوزيشن نه اچڻ ڏينداسين، سيد غوث علي شاهه

عمر سومرو ،سکر
Ghous Ali Shahپاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي پنهنجي مرضي جو ليڊر آف دي اپوزيشن نه اچڻ ڏينداسين، اپوزيشن ليڊر جي مقرري جي لاءِ مسلم ليگ فنڪشنل ڪورٽ ۾ وئي آهي ان جي فيصلي جو انتظار آهي، جڏهن ته اسان وٽ ان حوالي سان ٻيا آپشن به موجود آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ مسلم ليگ جي اڳواڻ سيد پير علي شاهه سان ان جي والده جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اتحاد لاءِ اسان صرف انهن پارٽين سان ڳالهيون ڪري جيڪي حڪومتي اتحاد جو حصو نه آهن، ايم ڪيو ايم به حڪومتي اتحاد جو حصو آهي، هوءَ مڊل ڪلاس ماڻهن جي پارٽي آهي، ان کي پهريان حڪومت کان عليحده ٿيڻ گهرجي، هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ لاءِ نالا اڃان تجويز نه ڪيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن ۾ نالا تجويز ڪيا ويندا، هن چيو ته اسان ڪو به لانگ مارچ نه ڪري رهيا آهيون، صرف ڌرڻو هڻنداسين ۽ حڪومت کي مجبور ڪنداسين ته هو نگران سيٽ اپ لاءِ قانون تي عملدرآمد ڪيو وڃي، هن چيو ته اسلام آباد لانگ مارچ ۾ ڊرامو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن جڏهن ڏٺو ته تمام اپوزيشن پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڪري انهن جي هوا نڪري وئي ته انهن کي اهو سڄو ڊرامو واپس ڪرڻو پيو، هن چيو ته سنڌ ۾ اتحاد لاءِ مسلم ليگ فنڪشنل، اين پي پي، قومپرست ۽ مذهبي جماعتن سان ڳالهيون جاري آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ اتحاد ڪيو ويندو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل مضبوط طاقتور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button