سکر

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم جي خلاف وردي ڪرڻ تي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حاضري

Chairman SPSCسکر(بيورورپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم جي خلاف وردي ڪرڻ تي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ ۾ حاضري، 26 فيبروري تائين ٻڌايو وڃي ته عدالتي حڪم جي خلاف وردي ڪنهن ڪئي آهي، عدالت جي چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان پڇاڻو اپريل 2011 ۾ صفيه شمس ۽ ٻين ٽن عورتن سميت پنهنجي وڪيل جي معرفت سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڊسٽرڪٽ وومين ڊولپمينٽ آفيسر جي خالي جي جائين لاءِ وردي ويندڙ ٽيسٽ کان اسان کي پر رکيو پيو وڃي ڪيس جي ٻڌڻيءَ تي سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ پاران 18 اپريل 2011 تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي حڪم جاري ڪيو هيو ته ٽن اميدوارن جي شرڪت تي ٽيسٽ ۾ يقيني بڻائي وڃي جڏهن ته عدالتي حڪم جي باوجود ٽنهي اميدوارن کي ٽيسٽ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو جنهن تي ٽنهي اميدوارن پاران تهوين عدالت تي ٻيهر سنڌ هائي ڪورٽ کان رجوع ڪيو ويو جنهن تي عدالت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ارشاد حسين کي ٽي ڀيرا طلب ڪيو ٻن ٻڌڻين تي حاضر نه ٿيڻ بعد چيئرمين ٽنهي ٻڌڻيءَ تي عدالت ۾ حاضر ٿيو عدالت پاران ٻن ٻڌڻن تي حاضر نه ٿيڻ تي چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو ويو ۽ حڪم ڏنو ويو ايندڙ ٻڌڻي تائين جيڪا 26 فبروريءَ تي ٿيندي انڪوائري ڪري عدالتي حڪم جي خلاف وردي ڪندڙن جو تعين ڪري عدالت کي ٻڌايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button