مختصر خبرون

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسو سي ايشن جي چونڊيون ٿي گذريون

سکر(بيورورپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسو سي ايشن جي چونڊيون ٿي گذريون جنهن ۾ پروگريسيولائيرزگروپ جي صدر لاءِ قربان ملاڻو 450 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، ان جي مقابلي ۾ ڀڄن داس 315 ووٽ حاصل ڪيا نائب صدر جي عهدي لاءِ ميڊم رعنا شاهه 329 کڻي ڪامياب ٿي جڏهن ته جنرل سيڪريٽري لاءِ ياسر شاهه 394 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ان جي مقابلي ۾ شمس راجپر 359ووٽ حاصل ڪيا جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ جمشيد فيض 301 ووٽ کنيو، جڏهن ته ذوالفقار ڊومڪي 465 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ شمس راڄپر کي شڪست ڏني لائبريري سيڪريٽري لاءِ عبدالرحيم لاشاري 390 ووٽ ڪامياب ٿيو ان جي مقابلي ۾ سڪندر جوڻيجو 349 ووٽ کنيا جڏهن ته فنانس سيڪريٽري جي لاءِ لياقت علي ميتلو بنا مقابلي ۾ ڪامياب ٿيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button