مختصر خبرون

سرڪاري ڪوس گهر ۾ مئل ۽ بيمار جانورن کي ذبح ڪري جي خلاف ڪاروائيءَ جو مطالبو

سکر(بيورورپورٽ)پراڻي سکر ۾ سرڪاري ڪوس گهر ۾ مئل ۽ بيمار جانورن کي ذبح ڪري جي خلاف ڪاروائيءَ جو مطالبو۽ گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ انتظاميا جي پتلي کي ڦاسي ڏئي ڪري ڪوس گهر منتقل ڪرڻ جا نعرا هنيا جنهن جي قيادت سکر جي سياسي وسماجي تنظيمن جيئي سنڌ محاذ ضلع سکر جي صدر نصير گوپانگ، پيس آف موومينٽ جي اشفاق ڀٽي، ثناءُ الله مهر، سٽيزن ويلفيئر ايسو سي ايشن سيد عمران علي شاهه ۽ ٻين جي ان موقع تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته علائقي ۾ قائم ڪوس گهر ۾ بيمار ۽ مئل جانورن کي زبح ڪري انهن جي رت مان فيڊز تيار ڪرڻ بند ڪئي وڃي ان موقعي تي علائقي جي رهواسين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ قائم ڪوس گهر ۾ بيمار ۽ مئل جانورن کي آڻي ڪري ان جو گوشت ڪٽيو پيو وڃي ان جو مضرت صحت جو گوشت فروخت ڪيو پيو وڃي صحت کاتي ۽ اينيمل ڊاڪٽر رشوت جي عيوض مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي علائقي جي رهواسين جو چوڻ هو ته رات جي تاريخي ۾ جانورن جو خون ۽ چرٻي کي ساڙي ڪري غير قانوني طريقي سان ان جي فيڊز تيار ڪئي پئي وڃي چرٻي ۽ خون کي ساڙڻ جي وجه سان علائقي رهواسي شديد ذهني ڊپريشن جو شڪار آهن پر ان جي خلاف ڪائي ڪاروائي نه ڪئي پئي وڃي علائقي جي ڪوس گهر جي منتقلي جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن پر انتظاميا ڪوس گهر جي منتقلي ۽ مئل جانورن کي ڪٽي ڪري انهن جو مضرصحت گوشت وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪائي ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي علائقي جي رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪوس گهر جي رهائشي علائقي کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button