مختصر خبرون

خدا جي رضا لاءِ ضروري آهي ته اسين غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيون،شيرين رحمت الله

حيدرآباد : خدا جي رضا لاءِ ضروري آهي ته اسين غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيون ۽ کين پنهنجين خوشين ۾ شامل ڪري کين احساس محرومي مانجات ڏياريون ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ جي ويجهو سڀ کان وڌيڪ سٺو عمل ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي . اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر سٽيزن ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي صدر شيرين رحمت الله پاڪستان پائليٽ گرلز هاءِ اسڪول لطيف آباد ۾ سينيئر سٽيزن ويلفيئر ٽرسٽ حيدرآباد جي شاخ پاران 200 مستحقن ۾ سوڙهون ورهائڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو _ هن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسانجي ويلفيئر بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي جڏهن ته آئون سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ٿو ڪيان ته اهي اسانجي ان فلاحي منصوبن ۾ اسانجي مالي سهائتا ڪن ته جيئن اسين وڌ کان وڌ ڏکويل انسانن جي خدمت ڪري سگهون _ هن حيدرآباد شاخ جي منتظمين کي چيو ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ اهڙن غريب نوجوانن جا ڪوائف جمع ڪن جيڪي واقعي مستحق آهن ته جيئن سندن مالي سهائتا ڪري کين ڪاروبار لائق بڻايو وڃي ته جيئن اهي پڻ معاشري ۾ هڪ باعزت شهري بڻجي سگهن _ هن وڌيڪ چيو ته ملڪ مان بک ۽ غربت جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي نوجوان کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندن رهنمائي ڪرڻ سميت سندن مالي معاونت پڻ ڪرڻي پوندي _ تقريب کي سينيئر سٽيزن ويلفيئر ٽرسٽ حيدرآباد جي ڪوآرڊينيٽر شاڪر ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي گهرجي ته اهي وڏي وڏي عمارتن جا نقشا پاس ڪرائڻ وقت بلڊنگ مالڪن جي مالڪن کي ان ڳالهه جو پابند ڪن ته پنهنجي عمارتن ۾ بزرگن لاءِ ويل چيئر کي يقيني بڻائين ته جيئن بزرگن کي عمارتن ۾ وڃڻ ۾ ڪا مشڪالت پيش نه اچي _ تقريب کي ناصر رضا جعفري ، نير ملڪ ۽ نسرين بخاري پڻ خطاب ڪيو_ بعد ۾ خاص مهمان شيرين رحمت الله ۽شاڪر ميمڻ ناصر رضا جعفري 200 مستحقن ۾ سوڙهون ورهايون .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button