حيدر آباد

حڪومت عوام کي بينادي سهولتون جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، مولا بخش چانڊيو

Maula Bux Chandioحيدرآباد : سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي بينادي سهولتون جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته جئين غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جو معيار زندگي بهتر ٿي سگهي اهڙو اظهار هن اڄ قاسم آباد ۾ نسيم نگر فيز ون ٽو ۽ ٿري، گرين هائوس قاسم آباد فيز ون، گلشن بختاور سٽيزن ڪالوني ، عبدالله بنگلوز ۽ حيدرآباد بنگلوز فيز ون 50 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان روڊن ۽ گهٽين کي پڪو ڪرڻ وارين اسڪيمن جو افتتاح ڪرڻ دوران علائقي واسين سان ڳالهائيندي ڪيو وفاقي وزير چيو ته پ پ پ جون پاڙون عوام ۾ آهن ۽ عوام ئي پ پ پ جي طاقت آهي اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ پنهنجي دور حڪومت ۾ عوام دوست پاليسيون جوڙي ترقياتي ڪم ڪرايا جنهن جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي هن چيو ته ايندر چونڊن ۾ اهو واضع ٿي ويندو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي ۽ چيو ته ايندڙ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون ان موقعي تي پ پ پ ضلعي حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري سيد فياض شاهه، يامين سومرو ۽ پ پ پ جا ٻيا عهديدار ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button