مختصر خبرون

جيئي سنڌ محاذ پاران سکر پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال

سکر: جيئي سنڌ محاذ پاران سکر پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر نصير گوپانگ، ڪامريڊ امام الدين محمداڻي، نجم ميراڻي، شاهنواز ميراڻي، جساف ضلعي صدر ثناءُالله مهر، عامر بلوچ نيو ينگ آرگنائيزيشن جي صدر فقير شاهد علي قاضي، پيس موومينٽ جي اشفاق ڀٽي، سٽيزن جي چيئرمين عمران شاهه، ينگ ميراڻي جي اڳواڻ سدير ميراڻي، هنن ڳالهائيندي چيو ته سکر شهر نمائش چوڪ جي آبادي جي وچ ۾ قوس گهر ۾ مئل جانور ۽ بيمار جانور ۽ رت ساڙي فيڊ ٺاهيندڙ ۽ چرٻي ۽ هڏن جو ڪاروبار ڪندڙ ٺيڪيدارن ، ٽي ايم او نيو سکر فياض ميمڻ ۽ ايس ايڇ او سي سيڪشن جيڪي رشوت وٺي انساني صحت جو سودو ڪري رهيا آهن، اسان سکر جي ڊي سي او ۽ ايس ايس پي سکر، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ هنن انساني صحت جي دشمنن کي اپاءُ تڪميل تي پهچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button