مختصر خبرون

تحفظ فراھم ڪيو وڃي، پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي اپيل

سکر (بيورورپورٽ) هڪ مهينو اڳ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو، تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پهچي ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ پنهنجي وڪيل جي معرفت پٽيشن داخل ڪندڙ پنوعاقل جي علائقي مبارڪپور جا رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي مسمات ثريا ڌيءَ عبدالرزاق مهتم پنهنجي مڙس عبدالحميد ولد علي مدد مهتم سان گڏجي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهيون ۽ اسان 7 ڊسمبر 2 1 0 2 تي گهر کان فرار ٿي ڪري شادي ڪئي، جنهن تي اسان جا مائٽ اسان جي جان جا دشمن بڻجي چڪا آهن ۽ هو اسان کي جان کان مارڻ لاءِ ٽي ڀيرا اسان جي گهر تي حملو به ڪيو آهي پر اسان معجزانه طور تي محفوظ رهيا آهيون، مسمات ثريه ٻڌايو ته منهنجي مائٽن مون کي منهنجي شادي کان چار مهينا اڳ زبردستي اغوا ڪيو هيو ۽ مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو هيو، معززين جي مداخلت تي آزادي ملي هئي، هاڻي ۾ پنهنجي پسند سان عبدالحميد سان شادي ڪئي ته منهنجا مائٽ مون کي ۽ منهنجي مڙس کي جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏني پر پوليس اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران انهن جي سرپرستي ڪري رهي آهي جنهن تي اسان تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن تي عدالت پاران تحفظ جا حڪم ڏنا پر پوليس اسان کي تحفظ فراهم نه ڪري رهي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي جان کي خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button