سکر

تحريڪ انصاف سنڌ جي تقسيم جي خلاف هڪ صوبي ۾ ٻه نظام قبول نه ڪندي، زبير احمد خان

PTI Labour Wingسکر(بيورورپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (ليبر ونگ) جي مرڪزي صدر زبير احمد خان چيو آهي ته پنجن سالن تائين هڪ ٻئي کي دهشتگرد قرار ڏيڻ واريون پارٽيون اليڪشن قريب اچڻ تي ڀاءُ ڀاءُ جو راڳ الاپي رهيا آهن، سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ زبير خان جو چوڻ هيو ته ڪراچي ۾ تمام پارٽين پاران اليڪشن ڪميشن آفيس جي سامهون ڌرڻو هنيو ويو، پر عوامي نينشنل پارٽي پاران ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ مڪ مڪا ٿي چڪو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي تقسيم جي خلاف هڪ صوبي ۾ ٻه نظام قبول نه ڪندي، اسان ڄاڻيون ٿا ته سڀ کان وڌيڪ غربت سنڌ ۽ بلوچستان صوبي ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪڏهن به سنڌ جي عوام جي طرف نه ڏٺو، پر اليڪشن قريب اچڻ تي قوم پرست جماعتن سان اتحاد ڪري سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ چاهي ٿي، پي پي جي موجوده حڪومت پنهنجي پنجن سالن جي دور اقتدار جي دوران پنهنجي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن جو سوراخ نه لڳائي سگهي ته عام ماڻهن کي انصاف ڪٿان فراهم ڪندي، موجوده حڪومت پنهنجي ڪيل وعدن جي مطابق عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، چونڊون قريب ايندي ئي دشمن پارٽيون هڪ ٻئي جي لاءِهمدردي ظاهر ڪري رهيون آهن، ته جيئن هڪ دفعو ٻيهر عوام کي بيوقوف بنايو وڃي، تحريڪ انصاف اهڙي تمام عوام مخالف سازشن کي ناڪام بڻائيندي، ان موقع تي ان سان گڏ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ صوبي جي تنظيم جي لاءِ اميدوار جهانگير رحمٰن خان، حافظ فضل ڪريم، محمد علي قريشي، عبدالله جمال ، منور ميمن ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران حڪومت ۾ رهندي به عوام جي خدمت نه ڪئي، هاڻي هو قوم پرستن جو ساٿ ڏئي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي لاءِ وري سرگرم ٿي ويا آهن، چونڊون قريب ايندي ئي لڪيل چهرا ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، موجوده حڪومت سنڌ سميت بلوچستان صوبي جي فلاح وبهبود جي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، بلڪه ان جا حق کائي ڪري پنهنجا کيسا گرم ڪيا، پاڪستان تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچي ڪري صوبن کي برابري جا حق ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندي، هن جو چوڻ هيو ته پارٽي ۾ خانداني وارث نه آهن بلڪه عملي خدمتن جي جذبي سان سٺن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سڄي ملڪ جي تنظيم عمل کي بهتر ب نائڻ جي لاءِ سليڪشن نه پر ووٽ جو عمل متعارف ڪرايو، ۽ تمام جلد اهو عمل اختتام پذير ٿيندو، ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف خانداني ورهاست جي خلاف هڪ نئين تاريخ رقم ڪندي ملڪ خانداني وارثن سان نه پر حقيقي ۽ سچي محنت ۽ لگن جي بدولت ترقي ڪندو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button