سکر

ايندڙ چونڊن ۾ پ پ مخالف جماعتون گڏجي پ پ جو مقابلو ڪنديون، خالد محمود سومرو

Khalid Mehmood Soomro address press conference at Sukkurسکر:جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر علامه خالد محمود سومرو چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ مخالف جماعتون ن ليگ، فنڪشنل مسلم ليگ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، سميت اين پي پي جماعت اسلامي جمعيت علماءِ اسلام سيمع الحق گروپ، پ پ شهيد ڀٽو ۽ قوم پرستن سان گڏجي گرينڊ الائنس جوڙي سنڌ مان پي پي جي تڏا ويڙهه ڪرائي ويندي، مرڪز ۾ به ايم ايم اي ۽ ٻين حڪومت مخالف جماعتن سان اتحاد جي ڪوششون ڪري پ پ جي رستا روڪ ڪئي ويندي، سکر جي مدرسي منزل گاهه ۾ صوبائي مجلس شورا جي اجلاس کان اڳ مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍهڙ،مولانا عبدالحق مهر ۽ ٻين صوبائي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته زرداري حڪوم ت ۾ محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيندا ڇاڪاڻ جو قاتلن جا پير انهن ڏانهن وڃن ٿا، پر جيڪڏهن جي يو آءِ حڪومڪت ۾ آئي ته مير مرتضيٰ ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، سميت بي گناهه قتل ٿي ويل ماڻهن جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي لٽڪايو ويندو، مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ گورنر راڄ کي لاڳو ڪري بلوچستان جي عوام سان نا انصافي ڪئي وئي آهي جيڪڏهن هڪ سئو ماڻهن جي قتل جو جواز ڄاڻائي گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو آهي ته پوءِ ڪراچي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿيا آهن انهن جو صوبن ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي ها، طاهر القادري غير ملڪي باشندو ۽ ايجنٽ آهي، جنهن جي ڪا به حيثيت ناهي ، ڪراچي ۾ ووٽر لسٽ فوج جي نگراني هيٺ ڪرايو وڃن ۽ نصرت سحر عباسي کي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر بڻايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button