ھنڱورجا

ايندڙ چونڊن ۾ پي پي جي اميدوارن کي شڪست ملندي، سيد محرم علي شاهه

Muharam Ali Shahهنڱورجا : فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه سڳيون ۾ پارٽي ڪارڪنن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪندڙ پي پي جي اميدوارن کي شڪست ملندي فنڪشنل ليگ اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا. ايندڙ وقت ۾ سنڌ جو وزيراعلي فنڪشنل ليگ جو هوندو. هن چيو ته خيرپور ضلعي اندر اسڪارپ کاتو ناڪارا ٿيڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي ور ڇڙهيل آهي سم جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي نه ته خيرپور ضلعي جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندي. سيد محرم علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جون سڀ سنڌ دوست پارٽيون گڏجي چونڊن ۾ پي پي جو مقابلو ڪنديون . موجودهه حڪومت ۾ بدامني ، بيروزگاري ، ۽ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button