مختصر خبرون

اسڪائوٽ پارڪ ۽ ٽريننگ سينٽر جو تعميراتي ڪم جنوري 2013 کان شروع ، عابد علي شاهه

خيرپور : سنڌ بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي صوبائي ڪمشنر ڪوآرڊينيشن سيد عابد علي شاهه چيو آهي اسڪائوٽ گرائونڊ کجور منڊي خيرپور تي اسڪائوٽ پارڪ ۽ ٽريننگ سينٽر جو تعميراتي ڪم جنوري 2013 کان شروع ٿي ويندو اهڙو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاص هدايتن تي وزير اعلى هائوس ڪراچي ۾ صوبائي اسڪائوٽ ڪمشنر ۽ وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن ته اجلاس ۾ ڪمشنر ڪوآرڊينيشن سنڌ سيد عابد علي شاهه ۽ صوبائي سڪريٽري سيد اختر مير خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته سنڌ جو وڏو وزير ذاتي دلچسپي وٺندي اسڪائوٽ هيڊڪوارٽر جي تعميراتي ڪم جي لاءِ لڳاپيل عملدارن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button