27 ڊسمبر ۾ ڳڙهي خدابخش ۾ پڻ تاريخي جلسو هوندو، قائم علي شاھ
خيرپور : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پير محلا گمبٽ ۾ پير آف گمبٽ جي سجاده نشين پير سيد ابو محمد صالح شاهه جيلاني سان سندس والد پير سيد اسدالله شاهه جيلاني جي وفات تي سندس رهائشگاهه تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان وفاقي وزير مذهبي اُمور سيد خورشيد احمد شاهه، ايم پي اي نعيم احمد کرل، ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ، حاجي امتياز ملاح ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي مسلم ليگ فنڪشنل ۽ ٻين پارٽين پاران حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل جلسي جي حوالي سان پُڇيل سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته تازو پيپلز پارٽي پاران حيدرآباد توڙي ۽ ڪمون شهيد واري هنڌ گهوٽڪي ضلعي ۾ وڏا سياسي جلسا ڪيا ويا آهن ۽ 27 ڊسمبر ۾ ڳڙهي خدابخش ۾ پڻ تاريخي جلسو هوندو. وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جا قاتل جلد وائکا ڪيا ويندا. بعد ۾ وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پارٽي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر قمرزمان شاهه، ، ايم اين اي نواب خان وساڻ، سيد جاويد علي شاهه، ايم اين اي مهرين ڀٽو، ايم پي اي سيد پيار علي شاهه، ايم پي اي پير سيد بچل شاهه، ايم پي اي نعيم احمد کرل، پيپلز پارٽي خيرپور ضلعي جي جنرل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ٻين ضلعي توڙي تعلقي جي پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ 4 اپريل ۽ 27 ڊسمبر وڏا ۽ وڏي ڏُک وارا ڏينهن آهن انهن ڏينهن تي پارٽي پاران وڏا اجلاس منعقد ڪرايا ويندا آهن. هن سال ڳڙهي خدابخش ۾ 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 5 ورسي جي موقعي تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري تاريخي خطاب ڪري سياست ۾ عملي قدم رکندو. ان موقعي تي اجلاس کي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀُٽو، ايم پي اي سيد پيار علي شاهه، پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ٻين خطاب ڪيو. بعد ۾ ميمڻ محلا خيرپور ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سان سندس ڌي جي وفات تي تعزيت ڪئي بعد ۾ منشي محلا خيرپور ۾ انجنيئر فرحت ڦلپوٽو کي سندس رهائشگاهه تي سندس ڌي جي شادي جي مبارڪ باد ڏني.
—