سکر

ڪالا باغ ڊيم جو اشو ختم ٿي چڪو آهي، قمر الزمان ڪائره

Qamar Zaman Kaira (640x375)سکر(رپورٽ؛عمر سومرو)وفاقي وزير اطلاعات قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم جو اشو ختم ٿي چڪو آهي، جيستائين چار ئي صوبا ان کي اتفاق راءِ سان پيش نه ڪندا تيستائين اهڙو ڪو به منصوبو نه ٺاهيو ويندو جنهن سان وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڪشيدگي پيدا ٿئي، اڄ پيپلزپارٽي جي تاريخ ۾ اهم ڏينهن آهي، هڪ ٻيو ڀٽو تاريخي سفر شروع ڪري رهيو آهي، ان سياسي سفر ۾ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، ان کان پهريان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بيبي بينظير ڀٽو سياسي سفر شروع ڪري قربانيون پيش ڪيون آهن، هن وقت سڄي ملڪ جا ماڻهو انهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن، سنڌ ڌرتيءَ جي پٽن ۽ ڌيئرن پاڪستان جي سياست ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، بلاول ڀٽو به اهو ئي ڪردار ادا ڪندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ملڪ جا بنيادي مسئلا حل ڪيا آهن، جڏهن ته اسان کي ملڪ مليو هيو ته خون ۾ ڳاڙهو هيو، پيپلزپارٽي پارٽي جي حڪومت کي جڏهن به اقتدار مليوآهي ته ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڦاٿل مليو آهي ۽ شهيد ڀٽو هن ملڪ کي طاقتور ملڪ بڻايو ۽ پيپلزپارٽي جي قائد محترمه بينظير ڀٽو به پاڪستان کي بچائيندي شهادت ماڻي، هن چيو ته صدر زرداري پاران پنهنجا اختيار صوبن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ سميت ٻيا اختيار ڏنا ويا آهن جنهن جي ڪري ملڪ مضبوط ٿيو آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي صاف شفاف بڻايو ويوآهي ۽ ايندڙ چونڊون وقت تي ٿينديون. شهباز شريف ايترو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته ماڻهن کي سچ لڳڻ لڳندو آهي، شهباز شريف چيو هو ته صدر زرداري جي سوئس بينڪ ۾ دولت پئي آهي پر اسان سوئس اختيارين کي خط به لکي ڇڏيو آهي، عمران خان، طاهر القادري ميدان ۾ آيا آهن ته پنجاب حڪومت چوندي آهي ته اها به پيپلزپارٽي جي سازش آهي، عوام جنهن پارٽي کي ووٽ ڏيندو ته اها ئي پارٽي اقتدار ۾ ايندي. طاهر القادري پاران حڪومت جي خلاف لانگ مارچ ڪيو آهي جڏهن محترمه بينظير لاهور پهتي هئي ته هن لکين عوام جي جلسي کي خطاب ڪرڻ جي باوجود لانگ مارچ جو اعلان نه ڪيو ۽ هن جمهوريت جو رستو اختيار ڪيو طاهر القادري غير آئيني فورم اختيار ڪري رهيو آهي، ان کي سياست ۾ نه ڇڪي، هن چيو ته هن وقت بجلي ۽ سوئي گيس جو عارضي بحران آهي ڇو ته پاڻي گهٽ هجڻ ڪري واهه بند ٿي ويندا آهن ته چيو ويندو آهي ته پنجاب ۾ صنعتون بند ٿي ويون آهن ۽ ڪراچي ۾ هلي رهيون آهن اهي غلط افواهون ڦهلائي ڪري حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان هميشه تاجرن جو خيال ڪيو آهي ۽ آئينده به رکنداسين پر ڪنهن غريب جو چلهو بند ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته اسان خودمختياري ڏني آهي ۽ خودمختياري ڏيڻ جي حق ۾ آئين ۾ ترميمون ڪيون آهن، عدالتي فيصلن جي ڪري اسان جي چونڊيل وزيراعظم کي گهر موڪليو آهي ۽ ميمو اسڪينڊل سامهون آيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button