ڪالاباغ ڊيم جومسئلو عدالت جو نه پر صوبن ۽ پارليامينٽ جو آھي، خورشيد شاھ
عمر سومرو، سکر
وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه پاران موجوده حالتن ۾ ڪالا باغ ڊيم تي عدالتي فيصلي کي ملڪ ۽ فيڊريشن سان راند قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو مسئلو عدالتن جو نه پارليامينٽ ۽ صوبن جو آهي سکر سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن و ڌيڪ چيو ته ڪالا باغ ڊيم تي 3 صوبا متفق نه آهن ان مسئلي جي حوالي سان عدالتن ۾ وينداسين ۽ نه ئي ان کي پارليمينٽ ۾ آڻينداسين پاڪستان پيپلز پارٽي ڪو به اهڙو ڪم نه ڪندي جنهن سان وفاق کي خطرو هجي 1998 ۾ جڏهن نواز شريف پاران ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ان وقت به فيڊريشن کي بچائڻ جي لاءِ بيبي محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڪمون شهيد تي ڌرڻو هنيو هيو، پيپلز پارٽي جي هوندي ڪو به اهڙو منصوبو نه ٺهندو جيڪو وفاق کي چيلينج ڪري سگهي نواز شريف يا شهباز شريف جنهن ان جي حمايت ڪئي آهي اهي ٻڌائن ته ڇا ٿا چاهن، جيڪڏهن هو جي ٽي روڊ وارن جي حمايت چاهن ٿا ته انهن جي به مڪمل حميات انهن سان گڏ نه آهي هو هڪ صوبي جي هڪ حصي ۾ رهجي ويا آهن جتي به انهن کي عمران خان پاران چيلينج ڪيو ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي به اتي موجود آهي، هو سنڌ ۾ اچي ٿو ته هڪ ڳالهه ڪري ٿو جڏهن لاهور ۾ هوندو آهي ته ٻي ڳالهه ڪري ٿو هن جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جن ادارن ۾ شب خون ماريو ويو هو اتي اسان سياستدان کي ويهاريو آهي پيپلز پارٽي هن ملڪ ۾ جمهوريت کي بچائي ورتو آهي پر هتي سياستدان نه هجڻ شب خون ماريا وڃن ها، هن چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊن جو انعقاد چاهيون ٿا ان لاءِ جعلي ووٽ ختم ڪرائي ڇڏيا آهن هاڻي صرف ووٽ شناختي ڪارڊ تي ٿيندا پولنگ اسٽيشنن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪندڙ ادارن کي ذميواري ڏنيون ويون آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن پاران صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ عدليه کي قردار ڏئي ڇڏيو آهي هن ايم ڪيو ايم جي بيان جي همايت ڪندي چيو ته نيون تڪبنديون صرف ڪراچيءَ ۾ نه سڃي ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجن عدالت جو پنهنجو فيصلو ريوائس ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ڪراچي سميت سڃي ملڪ ۾ هن وقت تائين امن و امان لاءِ ڪوبه آپريشن ڪامياب نه ٿيندو جيستائين تمام سياسي پارٽيون هڪ فيصلي تي متفق نه ٿينديون بعد ۾ هن سول اسپتال سکر ۾ سي ٽي اسڪين، آسي يو ۾ 50 بيڊ وارڊ ۽ ايم آر آءِ جي سنگ بنياد جي پيڙهه جو پٿر رکيو.