ڏھرڪي: سنڌي ميڊيا فورم پاران سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
ڏهرڪي : سنڌي ميڊيا فورم جي سڏ تي 21 ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڏهرڪي شهر به اجرڪ ٽوپي جي رنگن سان جرڪي پيو، صبح جو سوير کان ماڻهو ريلين ۽ قافلن جي صورت ۾ اجرڪ ٽوپيون پهري پريس ڪلب چوڪ آڏو گڏ ٿي ويا، اٺ جو رقص ۽ سنڌي ٽوپي پهري جهمرين سان محفل کي چار چنڊ لڳي ويا خوشي ۾ فائرنگ، خبر موجب: سنڌي ميڊيا فورم جي سڏ تي 21 ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن صبح جو سوير کان ئي سون جي تعداد ۾ ماڻهو سنڌي ثقافتي لباس اجرڪ ٽوپيون پهري ڏهرڪي پريس ڪلب چوڪ تي پهچي ويا جتي سنڌي ٽوپي اجرڪ شان اسان جي نعرن سان پورو ڏينهن ثقافتي ڏهاڙي ۾ عوام جو وڏو جوش خروش هو، ۽ آيا سنڌي آيا، جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا جي نعرن سان پورو شهر گونججي ويو، ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ماڻهن ۾ عيد جي ڏينهن کان وڌيڪ جوش خروش هو، ماڻهو سنڌي ٽوپي اجرڪ پهري سنڌي رقص جهمريون پائي پنهنجي ثقافت کي اجاڳر ڪيو ۽ اسڪول جي ٻارن پڻ جهمريون پائي رقص ڪيو ان موقعي تي،پير ميان محمد حنيف،ڊاڪٽر ڀورا رام،رميش ڪمار،طالب ميمڻ،عبدالغفارشر،منير قادري،لياقت راجڙي،نياز شيخ،عامرملڪ،مکي دوارڪاداس،قدير احمد سومرو۽ ايس يو پي جي حاتن شر هڪ اٺ کي رقص ڪرائي ثقافتي ڏهاڙي ۾ شامل ماڻهن کي لطف اندوز بڻائي ڇڏيو ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ڏهرڪي جي اڳواڻن طارق سومرو،پيشو رام،اشوڪ رهڙڪا،راجيش ڪمار، اين پي پي جي شهر يار خان شر، صحافي تنظيمن جي اڳواڻڻ شمس ڀٽو،تنويرمهر،رمضان پيرزادو، برڪت علي شر، عبدالغفور سومرو، وڪيش ڪمار، پڻ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيل پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ٻئي پاسي ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن آفتاب شر، حميد ڏهر، فنڪشنل مسلم ليگ جي سيد جميل شاه، نظير پنهيار، وزير لکڻ، سٽيزن ايڪشن ڪاميٽي جي ارشد چانڊيو، مسرور حسن، نيشنل پيپلز پارٽي جي لالا زمان شر، جسقم رفيق حيدر شر، اياز خان شر مير حسن لاشاري، امتياز ڀٽو، سليم سنڌي، جيئي سنڌ تحريڪ جي گامڻ شر حسن شر هاءِ اسڪول جي اڳواڻن استاد جميل سومرو، استاد محمود ڀٽو، امداد کوکر،حرا پبلڪ اسڪول،مهڪ پبلڪ اسڪول،گوهر پبلڪ اسڪول، ڪڊز گارڊن، پرائمري مين اسڪول، هاٰ اسڪول ۾ پڻ تقريبون ٿي گذريون.