ڊينٽر پينٽرڪالونيءَ جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن، سکر
سکر(بيورورپورٽ)سکر جي مسترين پاران ضعلي انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو اآهي ته ڊينٽر پينٽرڪالونيءَ جا مسئلا جلد حل ڪيا وڃن ته شهر ۾ رهجي ويل مستري به جلد کان جلد منتقل ٿي سگهن، سکر موٽر ورڪس جي الخير پينل پاران منعقد مسترين جي هڪ اجلاس ۾ متفقه طور تي ڪيو ويو اجلاس ۾ الخير پينل جي استاد محمد شبير بودي، عبدالطفيف، شفيق ڀٽي، سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جي موجوده عبوري ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۽ مسترين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي اجلاس ف۾ ممبر چيو ته سکر شهر جي مسترين جي نيوبس ٽرمينل تي واقع ڊينٽر پينٽر ڪالوني منتقلي جي سلسلي ۾ ضلعي انظاميا جي پاران ڪيل اقدام قابل تعريف آهن جنهن جي ڪري سوين مسترين جي منتعقليءَ کي يقيني بڻايو ويو آهي اڄان به مستري جي وڏي تعداد شهر ۾ موجود آهي جنهن جي ڪري انتظاميا پاران ڪالونيءَ ۾ ڊولپمنٽ ۽ ٻيا مسئلا حل نه ڪيا ويا آهن شهر مان صاف ۽ شفاف طريقي سان مسترين جي منتقليءَ تي سکر موٽر ورڪس ايسو سي ايشن جي عبوري ڪميٽي جي ڪارڪردگيءَ کي سرآئيندي انهن جي مسئلن جي حل تائين پنهنجون خدمتون جاري رکڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جئين مسترين کي درپيش مسئلن کان نجات ڏياري سگهجي اجلاس ۾ ڪجهه عناصر جيڪي جلد چونڊون ڪرائڻ تي بضد آهن انهن جي سخت لفظن ۾ مذهمت ڪئي وئي اجلاس ۾ سکر موٽرورڪس ايسوسي ايشن پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهدي راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سوڪي تلاب چوڪ تي ڏيا ٻاري ڪري ان کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي.