مختصر خبرون
چوپائي مال کي ٽڪا ھڻائڻ جي صلاح
حيدرآباد: ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته صوبي ۾ سال جي پهرين ٽن مهينن جنوري کان مارچ 2013 دوران چوپائي مال جي وڏن جانورن ۾ گهگهو يا گهيٽار ، ٺڪاڻ ، ٻرڪي ، سامهاڙو جڏهن ته ننڍن جانورن ۾ رتاوان دست ، ڪاٽا پي پي آر ، سامهاڙو ، ٺڪاڻ ، ٻرڪي ۽ ڦڦڙي جي بيماري جي پکيڙجڻ جو انديشو آهي _ ان سلسلي ۾ چوپائي مال جي مالڪن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجن جانورن کي جانورن جي اسپتالن ، ڊسپينسرين يا پنهنجي ويجهي وٽرنري سينٽرن ۽ مرڪزن مان بچاءُ جا ٽڪا هڻائين ته جيئن سندن جانور مختلف وچرندڙ بيمارين کان محفوظ رهي سگهن.