پ پ جي هر حڪومت ۾ سازشون ٿينديون رهيون آهن، پير مظھر الحق
فھيم ڀٽي، ٽنڊومحمد خان
تعليم جي صوبائي سينئر وزير پير مظهر الحق صديقي چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جو صدر آهي ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو جي هٿ ۾ آهي جيڪو پارٽي جو چيئرمين آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جي پرنسپل آپا فرحانه بلوچ کي سنڌ حڪومت پاران ڪاليج شاگرداڻين لاءِ بس جو تحفو ڏيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، پير مظهرالحق وڌيڪ چيو ته پ پ ملڪ اندر رڪارڊ ترقياتي ڪمن سان گڏ لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي، هن چيو ته پ پ جي هر حڪومت ۾ سازشون ٿينديون رهيون آهن، ۽ پيپلز پارٽي ان جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي، هن چيو پ پ شهيدن جي پارٽي آهي جيڪا عوام جي ساٿ سان سدائين زنده رهندي ، پير مظهر الحق چيو ته ، ايندڙ اليڪشن ٻڌائيندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي ، هن چيو ته تعليم کاتي ۾ سڄي سنڌ اندر روزگار جا موقعا ميرٽ جي بنياد تي ڏنا ويندا ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي ۽ تازو تعليم کاتي ۾ به ڪيتريون ئي نوڪريون ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون ويون آهن ، هن چيو ته استاد صحافت ڇڏي پنهنجي تعليم ڏانهن ڌيان ڏين ۽ منهنجي صحافين سان ڪا به رنجش نه آهي تعليم انسان جو بنيادي حق آهي پ پ حڪومت عوام کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۾ غريب ۽ ذهن شاگردن کي وظيفه پڻ ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته سنڌ جو عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستران پيپلز پارٽي کي اها ئي موٽ ڏيندو جيڪا هن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي دورن ۾ ڏني، هن چيو ته پ پ جي سرواڻي بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي جيڪو قائد عوام جي نعري تحت اٽي ، لٽي ۽ اجهي کان به وڌيڪ عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ان موقعي تي پ پ ضلعي صدر حاجي امين لاکو، پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو، سيد اعجاز حسين شاهه بخاري، گرلس ڪاليج جي پرنسپل فرحانه بلوچ ، گلزار احمد ڀٽي، معظم ڀٽي، دلشاد ٻرڙو، محبوب نوتڪاڻي، ڊاڪٽر مير حسن ملاح، مصطفى ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.