پيپلزپارٽي ورسين تي جلسا ڪري اسان کي نه ڊيڄاري ، امتياز شيخ
رپورٽ ؛عمر سومرو، سکر
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل امتياز شيخ چيو آهي ته پيپلزپارٽي ورسين تي جلسا ڪري اسان کي نه ڊيڄاري اگر ان کي جلسو ڪرڻو آهي ته حيدرآباد ۾ ان گرائونڊ ۾ اسان جهڙو جلسو ڪري ڏيکارين، ڇو ته اسان ننڍن ننڍن جلسين جي بدران هڪ گرائونڊ لاءِ جلسو مخصوص ڪن، سکر ۾ منگي برادري جي اڳواڻ لياقت منگي پاران برادري سميت مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آهي ته صدر آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلزپارٽي پنجاب جي ليڊر شپ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جا ميمبر اهو اعلان ڪن ته هو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آهن ۽ اهو به اعلان ڪن ته هو پنجاب اسيمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪن، هن چيو ته هن ٻين سياسي پارٽين کي به چيو ته هو به جلسي لاءِ ننڍا وڏا گرائونڊ تلاش ڪرڻ بدران حيدرآباد ۾ ان هنڌ جلسو پوءِ اچي اسان سان ڳالهيون ڪن ته عوامي طاقت ڪنهن وٽ آهي، هن جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم تي اسان جي پارٽيءَ جو موقف واضح آهي ته اهو نه ٺهڻ گهرجي، پيپلزپارٽي جي ليڊر شپ سنڌ ۾ هڪ ۽ پنجاب ۾ وڃي ڪري ٻي ڳالهه ڪندا آهن، هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل جو 4 1 ڊسمبر وارو جلسو ملڪ جي سياسي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هيو، جيڪڏهن ڪنهن کي يقين نٿو اچي ته اهي ايجنسين جون رپورٽون ڏسي وٺن ۽ انشاءَ الله سکر ۾ به ٿيندڙ جلسو ان کان به وڏو جلسو هوندو، جنهن جي تاريخ جو جلد اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي لاءِ گورنريون ۽ وزارتون ڇڏي ڏنيون آهن اها پيپلزپارٽي جي ليڊرن جي خوشفهمي آهي ته اسان مڃي وينداسينهن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي تي اليڪشن وڙهندڙ جي ڳالهه ڪري ٿي ته ان جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته حڪومت ۾ واپسي يا پيپلزپارٽي سان اندروني طور تي مفاهمت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جڏهن ته ڪاري قانون جو خاتمو ڪن ۽ عوام جا ٻيا مسئلا حل ڪن ته شايد اسان سياسي طور تي مڃي وڃون جڏهن ته ان جو امڪان نظر نٿو اچي، مسلم ليگ فنڪشنل هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سنڌ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ان موقعي تي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ،سيد اجمل شاهه موسوي ۽ ٻيااڳواڻ پڻ موجود هئا.