پر اسرار طور لا پتا ٿيندڙ نوجوان جي لاش سنڌو درياء مان مليو
سکر(بيورورپورٽ)ٻه ڏينهن اڳ پر اسرار طور لا پتا ٿيندڙ نوجوان جي لاش سنڌو درياء مان ملي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، خبر موجب سکر جي آباد ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ لاپتا ٿيندڙ 15 سالن جو نوجوان مير محمد ولد شير محمد لاش آچر جي ڏينهن رهائش ڪينال واهه مان پوليس کي ملي جنهن کي پوليس پاران پوسٽ مارٽم لاءِ سکر جي سول اسپتال پهچايو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪئي وئي ان موقعي تي نوجوان جي چاچي سچل ڪورائيءَ ٻڌايو ته هنن جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي نوجوان به ڏينهن اڳ پنهنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ سکر آيو هيو ان کان پوءِ هو نه مائٽن وٽ پهتو ۽ نه ئي گهر واپس آيو اسان ان جي ڳولا ڪئي پر ان جو ڪوبه سراغ نه ملي سگهيو اڄ صبع ان جي لاش ماڻهن پاران ڏٺي ته اسان کي اطلاع ڏئي وئي جنهن تي اسان پوليس جي مدد سان نوجوان جي لاش واهه مان ٻاهر ڪڍرائي آهي هن ٻڌايو ته اسان جو ٻه ڏينهن اڳ جتوئي برادريءَ جي ماڻهن سان معمولي جهڙو ٿيو هو جنهن جي معافي تلافي ٿي چڪي هئي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي ٻي طرف پوليس پاران نوجوان جي چاچي جي بيان جي تصديق ڪئي آهي جنهن جي وجه سان ان جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.