پاڪستان جي معيشت جي واڌاري لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي اھميت
ليفٽيننٽ ڪرنل (رٽائرڊ) عبدالرزاق بگٽي
مشھوربرطانوي ليکڪ جارج برنارڊ شا پنھنجي تصنيف دي ايپل ڪارٽ جي تعارف ۾ لکيو آھي تھ ھڪ ڀيري ھڪ ڳئون پنھنجي مالڪ کان رسي ڇڏيائي لنڊن جي گھٽيءَ ۾ نڪري وئي مالڪ بھ ڳئون کي قابو ڪرڻ لاءِ ان جي ڪڍ پيو مالڪ کي ڊوڙندي ڏسي ڪجھھ ماڻھو بھ ان جي مدد لاءِ ڳئونءَ جي ڪڍ ڊوڙڻ لڳا . ٻيا ماڻھو بھ ڊوڙندڙ ماڻھن جي ڪڍ پيا ۽ ھو ڊڪندا رھيا ڏسندي ڏسندي ھزارين ماڻھن جو ھڪ جلوس بڻجي ويو. لنڊن جي پوليس وارن ماڻھن کان پڇيو تھ توھان ڇو ٿا ڀڄو تھ ماڻھن جواب ڏنو تھ خبر ڏنو تھ خبر ناھي ڪجھھ ماڻھو ڀڄن پيا اسين تھ انھن جي ڪڍ پيا ڀڄون . جارج برنارڊ شا جي بيان ڪيل واقعي وانگر سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبرن ڪالا باغ ڊيم جي ٺاھڻ بابت حاليھ لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مخالفت شروع ڪري ڏني انھن کي اھا خبر ئي ناھي تھ ڪالا باغ ڊيم جي ٺھڻ کان پوءِ سنڌ جي عوام کي ڪيترو وڌيڪ فائدو ٿيندو . اسيمبلي ۾ گرماگرم تقريرون ڪيون ويون ۽ اھو پڻ چيو ويو تھ ڪالاباغ ڊيم ھر گز ٺاھڻ نھ ڏنو ويندو آخر ملڪ جي فائدي ۽ خاص ڪري سنڌ جي غريب عوام جي فائدي جي ھڪ وڏي پراجيڪٽ کي عوامي نمائندھ ڇو ٿا رد ڪن ؟ ڳالھھ فقط عوامي نمائندن جي نھ آھي ھت تھ عوام ۾ بھ اھو بحث ھلي رھيو آھي تھ ڪالاباغ ڊيم ٺھي ويو تھ پوءِ سنڌ ويران ٿي ويندي. آخر اھو ٿيڻ ڪيئن ممڪن آھي ؟ تنھن جي ڪنھن کي بھ خبر نھ آھي . جارج برنارڊ شآ ھي بھ لکيو آھي تھ ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ اڙن کٽولي وانگر آھي ھن ۾ سوار پارليامان جا ميمبر چئن سالن کان پوءِ (برطانوي پارليامينٽ جو مدو چار سال آھي) ھيٺ زمين تي لھن ٿا. عوام سان ملي ڪري منٿون ، خوشامدون ، ڪوڙا واعدا وغيرھ ڪري ووٽ وٺي ڪامياب ٿي وري بھ ان ساڳئي اڙن کٽولي تي ويھي اڀ ڏانھن روانھ ٿين ٿا ۽ عوام کان گھڻو پري اقتدار جا مزا ماڻين ٿا ۽ عوام ويچاري وائڙن وانگر کين نھارن ٿا مگر عوام کي پنھنجن نمائندن کان ڏک ، ڏوجھرن ، بک ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجھھ بھ نھ ٿو ملي . پاڪستان ۾ بھ حڪمران طبقي کان عوام کي بجليءَ جي لوڊ شيڊينگ ، پاڻي جي قلت ، مھانگائي بيروزگاري ۽ غربت جھڙا ڏک ۽ ڏوجھرا نصيب ٿي رھيا آھن. عوام جي بھبود جي منصوبھ جنھن کي قائد اعظم محمد علي جناح جي حڪم موجب ڪئي ور ھھ اڳ ۾ ئي تيار ھجڻ کپي ھا، اڄ ڏينھن تائين ڪوبھ ٺھي سگھيو آھي. سنھ 8491 عھ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح حڪم ڏنو تھ پنجاب ۾ ميانوالي ويجھو درياءُ سنڌ تي ڊيم ٺاھيو وڃي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ ڪرنا ڦلي ويجھو درياءُ برھمپتراتي قرنا ڦلي ڊيم ٺاھيو وڃي . بنگالي چريا ڪونھ ھئا. ھو تمام سياڻا ھوا انھن پنھنجي ڪوشش ڪري مرڪزي حڪومت کان رقم جو بندوبست ڪري قرناڦلي ڊيم ٺھرائي ڇڏيو ۽ بنگالي عوام اڄ ڏينھن تائين ھن ڊيم مان فائدو حاصل ڪري رھيا آھن. مگر ميانوالي ڊيم (جيڪو ڪالاباغ ڊيم جي ويجھڙائي سبب ڪالاباغ ڊيم جي نالي سان سڌجي ٿو ) جو منصوبو کٽائي ۾ پيل آھي. سڄي دنيا ۾ عوام جي خوشحالي لاءِ دريائن تي ڊيم ٺاھي آبپاشي لاءِ پاڻي ميسر ڪيو ويندو آھي. ۽ بجلي پيدا ڪري عوام کي سھولتون ۽ انڊسٽري کي انرجي يعني مشينن کي ھلائڻ لاءِ بجلي ڏني ويندي آھي. جولاءِ 3..2 جي اڪانومسٽ جي ھڪ رپورٽ جي مطابق چين ۾ …22 ٻاويھھ ھزار وڏا ڊيم ٺاھيا ويا آھن. جنھنڪري ملڪ چين جي قابل ڪاشت زمين جو .3 سيڪڙو ھنن ڊيمن ۾ ذخيرو ڪيل پاڻي جي ذريعي آباد ڪيو پيو وڃي. 8991 عھ ۾ چين جي دوري جي دوران مون کي ٻڌايو ويو تھ چين ۾ بجلي سستي آھي ۽ رات جي وقت انڊسٽري جي لاءِ بجلي وڌيڪ سستي ڪئي ويندي آھي ۽ رات جي وقت انڊسٽري جي لاءِ بجلي وڌيڪ سستي ڪئي ويندي آھي. جنھن ڪري زيادھ بجلي استعمال ڪندڙ مشينون رات جو ھلايون وينديون آھن. ھڪ تھ چين جي انڊسٽري ڏينھن رات پيداوار ۾ مصروف آھي ۽ ساڳي وقت ۾ روزگار بھ گھڻن ئي ماڻھن کي ملي ٿو ڇو تھ ھڪ فيڪٽري ٽن شفٽن ۾ ھلي رھي آھي تھ پوءِ مزدور بھ ٽيڻ گھربل آھن. چين جي فقط ھڪڙي ٿري گورجز ڊيم مان ..8،61 ميگا واٽ بجليءَ جي پيداوار ڪئي پئي وڃي. اھڙي ريت سمورن ڊيمن مان بجليءَ ملڻ سبب فيڪٽرين جي پيداوار ۾ اضافو بھ آھي ۽ ٺاھيل شيون سستون بھ آھن تنھنڪري چين جي معجيشت ترقي يافتھ آھي ۽ چين ھاڻي ڪميونزم جي معاشرتي نظام سان گڏگڏ مارڪيٽ معيشت جي ترقي لاءِ چين ۾ ھاڻي ھر شھري کي اجازت آھي تھ ھو پنھنجو ذاتي ڪاروبار ڪري ۽ ذاتي ملڪيت رکي سگھي ٿو . ڏسو تھ دنيا ڪيترو تھ بدلجي وئي آھي. نيل درياءَ ڪيترن ئي آفريقي ملڪن منجھان وھڪرو ڪري سوڊان ۾ مصر منجھان لگھندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو سوڊان جي حڪومت درياءِ نيل تي ميسو وري ڊيم تعمير ڪيو آھي. ھن ڊيم ۾ لکيندايڪرفٽ پاڻي جمع آھي جيڪو زراعت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ان کان سواءِ ميسووي ڊيم مان حاصل ٿيندڙ بجلي بھ سستي آھي سوڊاني عوام کي سھولتن ڏيڻ سان گڏوگڏ سوڊان ۾ زراعت ۽ انڊسٽري يعني ڪارخانن لاءِ سستي بجلي مھيا ڪئي وئي آھي. جنھن سبب ملڪ سوڊان ۾ معاشي ترقي آئي آھي ۽ عوام ۾ خوشحالي آئي آھي . بردار اسلامي ملڪ سوڊان کان علاوھ برادر اسلامي ملڪ مصر ۾ بھ حڪومت ڪوشس ڪري پھريائين آمريڪا کان ۽ پوءِ روس کان رقم جو بندوبست ڪري درياءِ نيل تي سوڊان ٺاھيو آھي . ھن ڊيم جو نالو جمال عبدالناصر ڊيم رکيو ويو آھي مصر جي عظيم منصوبھ جمال عبدالناصر ڊيم جي ڍنڍ جي علائقي ۾ نوي ھزار خاندان آباد ھوا ، انھن سڀني کي متبادل جڳھھ تي لڏايو وي ڊيم جي سائٽ تي قديم فراعين مصر جا مجسمھ بھ مشينن جي ذريعي معاشي ترقيءَ جو سبب پاڪستان جي سابق وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اسپيشل اسسٽنٽ ايگريڪلچر ۽ سابق صوبائي وزير ايگريڪلچر جناب سلطان علي چوڌري پنھنجي تصنيت State of Agreiculture in Pakistan جي صفحھ 16 ۾ لکيو آھي. تھ پاڪستان ۾ قابل ڪاشٽ ڪل رقبھ زمين تقريبن 82.95 ملين ھيڪٽر ( 23..4 ملين ايڪڙ) زمين تي ڪاشتڪاري ڪئي وڃي ٿي باقي زمين پاڻيءَ جي کوٽ سبب غير آباد آھي مذڪورھ ڪتاب جي صفحو 42 ۾ پاڻي متعلق انگ اکر ھن ريت آھن.
Rain Water Fall is about 180 MAF Which is lost on run off . The existing water harvesting Parctices in our arid and semi arid areas is hardly collecting 25 MAF of rain water.
ترجمھ : پاڪستان ۾ برسات جو پاڻي تقريبن .81 ملين ايڪڙ فٽ آھي . موجودھ (باراني پاڻي) کي استعمال ڪرڻ موجب باراني ۽ نيم زمين تي ڪاشتڪاري لاءِ فقط 52 ملين ايڪڙ فٽ باراني پاڻي اسعتمال ڪيو پيو وڃي.
ھن مان ظاھر آھي تھ .81 ملين ايڪڙ فٽ باراني پاڻي منجھان فقط 52 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي استعمال ٿي ٿو سگھي ۽ باقي سمورن پاڻي ٻوڏن جو سبب بڻجي فصلن کي تباھھ ڪندي گھرن کي ٻوڙيندي سمنڊ ۾ لڙھي ٿو وڃي. ۽ ائين تباھي مچائيندي ضايع ٿو ٿئي.
Annual river inflow of water recorded at the rain station for 100 years from 1922 to 2003 is 138.4 MAF (84 % collected in kharif and 16% Rabi) water available in cannals heads is 105 MAF”
تخميني جي مطابق مٿي بيان ڪيل باراني پاڻيءَ کان علاوھ دريائن ۾ وھڪرو ڪندڙ پاڻي اندازن 4.831 ملين ايڪڙ فٽ آھي . جڏھن تھ واھن جي ذريعي پاڻي جو وھڪرو 5.1 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي آھي. گذرشتھ دور ۾ ٺاھين تربيلا ، منگلا ۽ چشمھ ڊيم ۾ فقط 73.51 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ٿي سگھي ٿو. ڪالاباغ ڊيم جي اوچائي سطح سمنڊ کان 919 فٽ آھي. جڏھن تھ خيبر بختونخواھ جي شھر نوشھرھ جي بلندي(اوچائي) سطح سمنڊ کان ھڪ ھزار فٽ آھي. تنھنڪري جڏھن ڊيم پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو تھ اضافي پاڻي اسپل وي مٿان وھي ويندو . خيبر پختونخواھ صوبھ جي ضلع ٽانک ، ضلع ڊيرھ اسمائيل خان جي زمين لاءِ پاڻي ڪالاباغ ڊيم مان ملندو ۽ ھنن ضلعن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پوري ٿي ويندي. گذرشتھ ڪئي ورھين کان سنڌ جي ماڻھن کي شڪايت ھئي تھ پنجاب سمورو پاڻي استعمال ٿو ڪري يا پاڻي چوري ٿو ڪري مگر انھيءَ شڪايت جي اڄ ڏينھن تائين تصديق ڪانھ ٿي آھي. اھو فقط الزام آھي . آخرڪار سنڌ جي سابق وزير اعلي مرحوم ڄام صادق علي جي دور ۾ سنڌ ، پنجاب ، صوبھ خيبر پختونخواھ ۽ بلوچستان وچ ۾ پاڻي جو ٺھراءُ ٿيو جنھن کي واٽراڪارڊ 1991 سڏيو ويندو آھي. 1991 واٽر اڪارڊ جي مطابق پاڪستان ۾ موجودھ دريائن جي سموري پاڻي جو 73 سيڪڙو پنجاب ، 73 سيڪڙو سنڌ(يعني جيترو پنجاب جو حصو آھي ايترو ئي سنڌ جو حصو آھي)
21 سيڪڙو بلوڇستان ۽ 41 سيڪڙو صوبھ خيبر پختونخواھ کي ملندو . ھن ورھاٽي جي مطابق سمورن صوبن لاءِ پاڻي جي ترسيل کي يقيني بڻائڻ لاءِ بئراجن تي ٽيلي ميٽرڪ جو جديد نظام نصب ڪيو ويو آھي. نگرانيءَ لاءِ ھر صوبھ جا نمائندھ انجنيئر سائٽ تي موجود آھن. اھڙي ريت 1991 کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ کي برابر ملي رھيو آھي. پنجاب تي پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام محض الزام آھي. انھيءَ ۾ ڪابھ حقيقت ناھي . پاڻيءَ جي تقسيم سائنسي طريقھ سان ٿي رھي آھي. ۽ سنڌ جا نمائندھ انجنيئر سنڌي جي مفادن جي پوري حفاظت ڪري رھيا آھن. ڪالاباغ ڊيم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ..6 کان ..4 ميگاواٽ سستي بجلي پيدا ڪئي ويندي. جيڪا ڊيم کان نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي . ۽ پوري ملڪ جي عوام کي بجلي ۾ سھولت ٿيندي ۽ ڪارخانن لاءِ بھ بجلي ملندي . بجليءَ جي کوٽ ختم ٿيندي تھ ڪارخانن ۾ مزدورن کي روزگار ملندو. زراعت لاءِ ٽيوب ويلن کي بھ بجلي ميسر ٿيندي ۽ گھريلو ضرورتن لاءِ بھ بجلي ملي سگھندي تنھنڪري زندگي آسان ٿيندي ڪالاباغ ڊيم جي ذخيرھ ڪيل پاڻي مان 73 سيڪڙو سنڌي کي ملندو 21 سيڪڙو بلوچستان کي مندو 41 سيڪڙو صوبھ خيبرپختونخواھ کي ملندو ۽ 73 سيڪڙو پنجاب کي ملندو تھ سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي فائدو ٿيندو . سنڌ ۾ تقريبن اٺ لک ايڪڙ غير آباد زمين کي پاڻي ملندو . ۽ جيڪڏھن ھن سموري زمين کي 21 ايڪڙ في خاندان بي زمين ھارين ۾ تقسيم ڪيو وڃي تھ 766، 66 بي زمين ھاري خاندان پنھنجي زمين جا مالڪ ھوندا ۽ زميندارن ، وڏيرن جي بيگار ۽ استحصال ۽ غلاميءَ کان آزاد ٿيندا . ڪالاباغ ڊيم ٺھندو تڏھن ئي سيھوڻ بئراج ٺھڻ ممڪن آھي. ڇاڪاڻ تھ سيھوڻ بئراج لاءِ پاڻي ڪالاباغ ڊيم سبب ملڻ ممڪن ٿيندو. جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم نھ ٿو ٺھي تھ پوءِ سيھوڻ بئراج بھ نھ ٺھي سگھندو. ۽ منڇر ڍنڍ بھ ختم ٿي ويندي. جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم ۽ ان کان پوءِ سيھوڻ بئراج ٺھن ٿا تھ پوءِ منڇر ڍنڍ لاءِ اڙل جي رستي درياءُ جو تازو پاڻي ملي سگھندو ۽ منڇر جا مسڪين مھاڻا بھ خوشحال زندگي بسر ڪري سگھندا. سنڌ جا سياسي رھنمائن ۽ قوم پرست رھنمائن کي کپي تھ ھو غريب ھارين ۽ مھاڻن جي مفادن خاطر ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڇڏي ڏين. ڇا ڪاڻ تھ غريب ھارين ۾ خوشحالي ايندي ۽ منڇر جا مھاڻا سکيا ۽ ستابا ٿيندا. تھ اھي سڀئي وري سياسي اڳواڻن ۽ قومپرست ليڊرن کي ئي ووٽ ڏيندا تھ ھو وزير ٿي اقتدار جا مزا ماڻيندا . جيڪڏھن ھي ليڊر غريب ھارين ۽ مھاڻن جو استحصال جاري رکندا تھ پوءِ ياد رھي تھ غريب جي پنھنجي غربتيءَ کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ کان علاوھ ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجھھ بھ ناھي؟…. ([email protected])