مختصر خبرون

پاڪستان ايئر فورس ۾ ايئرمين طور شامل جي تاريخ 30 ڊسمبر آھي

حيدرآباد:پاڪستان ائير فورس ۾ ائيرمين (GC) طور شامل ٿيڻ لاءِ اميدوارن جي رجسٽريشن 30 ڊسمبر 2012 تائين جاري رهندي _ ان سلسلي ۾ غير شادي شده اميدوارجن جي عمر 18 فيبروري 2013 تي 16 کان 22 سالن جي وچ ۾ هجي ، سندن قد 5 فٽ 9 انچ هجي، ميٽرڪ سائنس ۾ ڪل 50 سيڪڙو مارڪن سان پاس ڪيو هجي ۽ انگريزي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪٽرو مارڪن سان پاس ڪيل هجي ته اهڙا اميدوار پي اي ايف سليڪشن سينٽر حيدرآباد ۾ رجسٽريشن لاءِ ميٽرڪ جي اصل مارڪ شيٽ ۽ پڪي يا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ، ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ يا نادرا وارو فارم ”ب“ ۽ چار عدد پاسپورٽ سائيز فوٽن سميت لهه وچڙ ۾ اچن جڏهن ته رجسٽريشن پاڪستان ائير فورس جي ويب سائيٽ www.joinpaf.gov.pk تي به ڪري سگهجي ٿي. ( اهڙا اميدوار جيڪي پهنجي رجسٽريشن پاڪستان ائير فورس جي ويب سائيٽ تي آن لائن ڪرائين اهي پنهنجا ڪاغذ امتحان واري ڏينهن پاڻ سان گڏ آڻين.) وڌيڪ معلومات پاڪستان ائير فورس انفارميشن اينڊ سليڪشن سينٽر جي ٽيليفون نمبر 022-9200936 تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو 2 وڳي دوران حاصل ڪري سگهجي ٿي .جڏهن ته آفيسرن لاءِ ڀرتي ڊسمبر جي پڇاڙي واري هفتي يا جنوري 2013 جي پهرين هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button