هنڱورجا : ٽينڊر باوجود ترقياتي ڪم شروع نه ٿيو
هنڱورجا: هنڱورجا جي ڳوٺ ميان محمد شريف پيرزادو جي ڳوٺاڻن جو ترقياتي ڪمن جو ٽينڊر ٿيڻ باوجود ڪم شروع نه ٿيڻ ۽ ٽي ايم اي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، ٽي ايم او ۽ ٺيڪيدار خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ، تفصيل موجب هنڱورجا لڳ ڳوٺ ميان محمد شريف پيرزادو جي رهواسين جو ترقياتي ڪمن جو ٽي ايم اي پاران ٽينڊر ٿيڻ باوجود اڃان تائين ڪم شروع نه ڪرائڻ تي ٽي ايم او سوڀوديرو خلاف محمد بخش ، نظر محمد، غلام اصغر، غلام حسين ، طالب حسين ، محمد شريف، ڪامل پيرزادو ۽ ٻين اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين ٽي ايم او خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ الزام لڳايو ته تعلقه ايڊمنسٽريشن سوڀوديرو پاران ڳوٺ جي گهٽين ۽ رستن لاءِ 5 لک روپين جو ٽينڊر منظور ڪيو ويو جنهن جو ڪم اڃان تائين شروع ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته تي ايم او ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري ڪوڙن ڪاغذن تي سموري ترقياتي ڪم واري رقم هڙپ ڪري ڇڏي آهي. ٽي ايم او آفيس ۾ ڪيترائي ڀيرا چڪر ڪاٽيا آهن پر ڪابه دادرسي نٿي ڪئي وڃي . هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ترقياتي ڪم شروع نه ڪيو ويو ته ٽي ايم او ۽ ٺيڪيدار جي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.