ٽنڊو محمد خان

نيشنل پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ختم، پريس ڪلب ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان

فھيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
Press CLUB TMKٽنڊو محمد خان پريس ڪلب (رجسٽرڊ) جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جي صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي سڀني عهديدارن ۽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان کي ختم ڪري (رجسٽرڊ) پريس ڪلب ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو، اجلاس ۾ متفقه راءِ سان سال 2013 ۽ 2014 لاءِ صدر جميل ميمڻ (سنڌ ٽي وي نيوز)، سينئر نائب صدر ذيشان خاصخيلي (اي آر واءِ نيوز )، نائب صدر عمر بليدي ، جنرل سيڪريٽري حيدر شورو (عوامي آواز ) ، جوائنٽ سيڪريٽري غلام قادر (وش نيوز)، خزانچي اسفند چانڊيو (عبرت ، سنڌو) ، اطلاعات سيڪريٽري ابراهيم خليل چونڊيا ويا، جڏهن ته گوورننگ باڊي لاءِ رمضان شورو، ذوالفقار چانڊيو، سرفراز ڀٽي، فهيم ڀٽي، اياز پلي، زبير پيرزادو، محبوب ميمڻ، عبدالڪريم نظاماڻي، غلام نبي مڱريو کي چونڊيو ويو، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي رجسٽرڊ ٿيڻ جي اطلاع بعد سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري پريس ڪلب جي عهديدارن کي واڌايون ڏيڻ لاءِ پهچي ويو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر جميل ميمڻ ۽ ٻين عهديدارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ ٽنڊو محمد خان جي صحافين پاڻ ملهايو آهي ۽ هنن مرد مجاهدن بند ايوانن اندر هتان جي پيڙهيل عوام جي آواز کي بهتر نموني سان پهچايو آهي هن چيو ته ضلعي ٽنڊو محمد خان جي پريس ڪلب جو رجسٽرڊ ٿيڻ صحافين لاءِ وڏو اعزاز آهي جنهن تي دليان خوشي ٿي آهي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري حيدر شورو، نائب صدر ذيشان خاصخيلي، عمر بليدي، ذوالفقار چانڊيو، رمضان شورو، منير بروهي، اسفند چانڊيو، ساحل اياز ، غلام نبي مڱريو، فهيم ڀٽي، علي محمد ڪنڀار، موسى پيرزادو، غلام قادر شورو، زبير پيرزادو، عبدالڪريم نظاماڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button