خيرپور

نوجوانن کي پنهنجو پاڻ ۾ رابط قائم ڪري ملڪ جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي، نفيسه شاهه جيلاني

Youth Conference (640x141)خيرپور، قومي ڪميشن براءِ انساني ترقي (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرپرسن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت نوجوانن جي معاشي ۽ سماجي توڙي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي شهيد بينظير ڀُٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت تربيتي ڏئي روزگار لائق بڻايو ويو آهي. هن اهڙو اظهار رائٽ ٽو پلي پاران سنڌ حڪومت جي يوٿ افيئرز ۽ يونيسيف جي تعاون سان سچل سرمست آڊيٽوريم خيرپور ۾ سنڌ يوٿ ليڊرشپ ڪانفرنس – اسٽيپ ٽو ورڊس چينج ( تبديلي ڏانهن قدم) جي تقريب کي مهمانِ خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته ملڪ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن آهي جنهن ڪري ملڪي معاملن ۾ نوجوانن جو هڪ اهم ڪردار آهي. ان سلسلي ۾ نوجوانن کي پنهنجن نمائندن چونڊڻ لاءِ کين ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي ۽ ملڪ جون تمام سياسي پارٽيون هاڻي نوجوانن سان رابطو ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ خاص دلچسپي رکن ٿيون. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته نوجوانن کي پنهنجو پاڻ ۾ رابط قائم ڪري ملڪ جي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته کين انٽرپرينرشپ ڏانهن اچي نوجوان پنهنجي قسمت بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته موجوده حڪومت پاران خيرپور ضلعي اندر سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج، آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج، آءِ ٽي ڪاليج، پئٽروليم انسٽيٽويٽ ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ڪري نوجوانن کي اعلى معيار جي تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي جڏهن خيرپور اندر جلد ميڊيڪل ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران خاص ڪوششن سان صوبي توڙي خيرپور اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ريڊيوپاڪستان خيرپور پڻ پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جون نشانيون آهن. هن چيو ته حڪومت پنهنجي محدود وسيلن هوندي هزارين بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته نوجوانن کي پرائيويٽ سيڪٽر ڏانهن پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو ان سلسلي ۾ کين تربيتي ڪورس ڪرائي کين پرائيويٽ سيڪٽر ۾ بزنس جو موقعا فراهم ڪيا ويندا. جڏهن ته ڪانفرنس کي سيڪريٽري يوٿ افيئرز شعيب احمد صديقي خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن جي تعليمي توڙي سماجي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ صوبي اندر يوٿ سينٽر کوليا پيا وڃن جڏهن خيرپور توڙي ٻين ضلعن ۾ يوٿ ارگنائيزيشنس کي ڪانفرنس يا پروگرام ڪرائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ رائٽ ٽو پلي جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر اڪرم شيخ خطاب ڪندي چيو ته رائٽ ٽو پلي پاران ضلعي اندر نوجوانن کي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته نوجوانن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ مخلتف تربيتي ڪورس ڪرايا پيا وڃن ته جيئن اڄ جا نوجوان معاشري اندر پنهنجو گهربل ڪردار مثبت نموني ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي ذوالفقار علي شيخ ، حنا سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته يوٿ ڪانفرنس ۾ خيرپور توڙي ٺٽي ضلعي جي نوجوانن ڪميونٽي سروسز، انٽرپرينر شپ ۽ ڪيريئر ڊولپمينٽ جي موضوع تي پنهنجا خيال ونڊيا. ڪانفرنس ۾ مختلف يوٿ آرگنائيزيشن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته تعليم، اطلاعات ۽ سماجي تنظمين جي نمائندن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button