مختصر خبرون

نساسڪ جو عزم شهري سڀ کان پهريان

سکر(بيورورپورٽ)نساسڪ جو عزم شهري سڀ کان پهريان، شهري علائقن ۾ ناڪاميءَ سان گڏ ٻاراڙيءَ جي علائقن ۾ به سهولتن جي عدم فراهمي علائقي جا رهواسي شديد ذهني دٻاءُ شڪايتن جي باوجود ڪابه ڪاروائي عمل ۾ نه آندي وئي چونڊيل نمائندن کان نساسڪ کي ختم ڪرڻ جو مطالبو نساسڪ جي ناقص ڪارڪردگيءَ جو چٽو ثبوت شهر ۾ ته ڏٺو وڃي ٿو پر هاڻي شهرن سميت سکر جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ به نساسڪ جي ناقص ڪارڪردگي بخوبي ڏسي سگهجي ٿي ٻاراڙيءَ علائقن ۾ واٽر ليڪيج، گندگيءَ جا ڍير، ڊرينيج جي خرابيڙ جي ڪري عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن لکين رپين جو پگهارون وصول ڪندڙ ۽ اعليٰ تعليم يافتا ۽ تجربو رکندڙ ايم ڊي مذامارڻ ۾ مصروف آهي جنهن جي ڪري ماتحت عملو ۽ نساسڪ جي مختلف شعبن جا آفيسر عوام جي پريشاني دور ڪرڻ بدران سياستدانن جي خوشامند ۾ مصروف آهن نساسڪ تعلقه نيو سکر جي ڪارڪردگيءَ اندازو سکرجي يوسي 12 جي علائقي نمائش چوڪي، قريشي روڊ، يوسي 13 جي علائقن داشن گاهه ڪالوني، ميراڻي محله، نمائش، مائڪرويو ڪالوني، گلشير چوهاڻ روڊ، احمد نگر، راهوجا روڊ، ڀوسالائين روڊ، يوسي 14 جا علائقا شهباز ڪالوني، شڪار پور ڦاٽڪ، يوسي 15 جا نئون ڳوٺ، بشير آباد،بهار ڪالوني، يوسي 16 يوسي 17 يوسي 18 ۽ يوسي 19 بچل شاهه مياڻي هنڌ هنڌ گهنديءَ جا ڍير ڊرينيج جي خرابي واٽر سپلائي لائنين جي ليڪيج جي ڪري ڦهلجندڙ گندگي تان اندازو لڳائي سگهجي ٿو جتي اقتدامن لاءِ نساسڪ عملي وٽ ڪوئي به ٽائم دستياب نه آهي جڏهن ته هيڊ آفيس ۽ نيو تعلقي ۾ قائم شڪايتي مرڪز پنهنجي افاديت وڃائي چڪا آهن ۽ بار بار شڪايتون ڪرڻ جي باوجود نساسڪ جي آفيسرن جي ڪنن تي جوئن به نٿي چري نيو سکر جي شهري ۽ عوام نساسڪ جي ڪارڪردگيءَ جي ڪري ذهني مريض ٿيندا پيا وڃن مرد عورتون ۽ ٻار گندگي ۽ ڪني پاڻيءَ مان گذرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته واٽر سپلائي انچارج ۽ ليڪيج مينٽينس جي انچارج جي ڪرپشن جي ڪري شهر ۾ پاڻيءَ جي ليڪيج گهٽ ٿيڻ بدران وڌيڪ وڌي رهي آهي نمائش چوڪ، قريشي روڊ، دانش گاهه، راهو جا روڊ، ميراڻي محله، نماش تي قائم ليڪيج جي خاتمي لاءِ علائقي وسين سان وڏي رقم وصول ڪئي پئي وڃي ۽ درستگيءَ جي بدران وڌيڪ ليڪيج ڪري خرابيون پيدا ڪيون پيون وڃن نساسڪ جي هيڊ آفيس به نيو تعلقي سکر ۾ واقع هجڻ جي باوجود فعال نه ٿي سگهي آهي نساسڪ کان لکين رپين جي پگهار وٺندڙ ايم ڊيءَ سميت ٻيا آفيسر مزا مارڻ ۾ پورا آهن ۽ وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ لڳل هوندا آهن ۽ چونڊيل نمائندن کي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي جو راڳ ڳائيندا آهن تعلقي نيو سکر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر محمد بلال ميمڻ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل علائقن جو دورو ڪن ۽ نساسڪ جي ڪارڪردگيءَ جو پاڻ جائزو وٺن ۽ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪندي شهرين ۽ علائقي واسين کي وڌيڪ پريشانين کان بچائي سگهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button