حيدر آباد

ملڪ هن وقت ڪو به سياسي تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي، مولا بخش چانڊيو

Maula Bux Chandio (640x209)حيدرآباد : سينيٽر ۽ سياسي معاملن واري وفاقي وزير مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ هن وقت ڪو به سياسي تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي تنهنڪري لانگ مارچ جهڙن اعلانن سان ملڪ اندر بيچيني پکيڙجڻ سان گڏوگڏ ملڪي ترقي ، خوشحالي ، جمهوريت ، معاشري جي سمورن طبقن ۽ سياسي پارٽين کي نقصان ئي پهچندو، هن اهڙو اظهار اڄ رشي گهاٽ ڦليلي واري علائقي ۾ حيدرآباد ليدر فٽ ويئر سينٽر جي دوري دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو ، مولابخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن جون تياريون هلي رهيون آهن ان وقت لانگ مارچ جو اعلان ڪرڻ سان ملڪ کي نقصان پهچندو ڇاڪاڻ ته اهڙي ڳالهه سان عام چونڊن ۾ دير ٿيڻ جا خدشا پيدا ٿيندا ۽ ان سان ملڪ اندر وڏي جدوجهد سان بحال ڪيل جمهوريت جو تسلسل پڻ ٽٽندو .هن چيو ته پ پ پ پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ جمهوري طريقي سان اقتدار جي متقلي واري روايت ملڪ ۾ متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي . هن چيو ته ملڪ جي حالتن ۾ ڪافي سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي جن ۾ ڪافي وقت گهربل آهي پر لانگ مارچ جو اعلان ۽ ٿوري عرصي جو وقت ڏيڻ سان نه فقط ملڪ اندر بيچيني پکيڙبي پر ملڪ کي درپيش مسئلا پڻ مونجهاري جو شڪار ٿيندا . هن چيو ته چونڊن کان اڳ احتساب واري ڳالهه سا ن آئون ذاتي طور متفق نه آهيان ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي ڪي حڪم جاري سگهي ٿي جهڙي ريت موجوده حڪومت طرفان هڪ آزاد اليڪشن ڪميشن جوڙي وئي آهي جنهن اڳواٽ ئي ڪافي حڪم پڻ جاري ڪيا آهن _ هڪ سوال تي هن چيو ته لانگ مارچ دوران حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر ادارو پنهنجي ذميواري ادا ڪندو ۽ هن وقت ملڪ جا ادارا مستحڪم آهن آئون ڪنهن به اداري ۾ مداخلت ڪرڻ نٿو چاهيان _ هن چيو ته پ پ پ ڪنهن به پارٽي جي سياسي سرگرمين کان ڊڄڻ واري ناهي ڇاڪاڻ ته اسانجي اڳواڻن پڻ لکين ماڻهن جا جلسا ڪوٺائي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو آهي _ هن چيو ته هن ملڪ جي مسئلن جو واحد حل جمهوريت جو تسلسل آهي . گذريل ڏينهن مذهبي اڳواڻ طاهر القادري پاران ملڪ اندر رياست يا سياست واري ڳالهه ڪرڻ جي حوالي سان مولابخش چانڊيو چيو ته رياست جو وجود ئي سياست ۾ آهي ۽ ڪا به رياست سياست کانسواءِ هلي نٿي سگهي _هن چيو ته کيس اهڙي وڏي اجتماع تي ڪي به اعتراض ناهن ۽ آئون ذاتي طور تي طاهر القادري جو پرستار آهيان ۽ سندس خطاب وڏي شوق سان ٻڌندو آهيان _هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پ پ پ پنهنجي نظريي تي قائم آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سمورا نتيجا واضح ٿي ويندا ته ملڪي عوام ڪهڙي پارٽي کي اقتدار جي ذميواري ڏئي ٿو . هڪ سوال تي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي سينيئر وزير بشير احمد بلور جي شهادت سياسي تاريخ جو المناڪ واقعو آهي ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين جي سلسلي جي هي هڪ ڪڙي آهي جنهن تي آئون کيس خراج تحسين پيش ڪيان ٿو . حيدرآباد ليدر فٽ ويئر سينٽر جي حوالي سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته حيدرآباد ڪنهن دور ۾ امن ، خوشحالي ۽ صنعت جي حوالي سان بي مثال شهر هو پر ڪجهه عرصو بي چيني ۽ بي ڌياني سبب هتان جا صنعتي ادارا متاثر ٿيا آهن تنهن هوندي به هن چيو ته سندس حڪومت حيدرآباد جي صنعتن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن هتي صنعتي سرگرمين کي وڌائي عوام کي روزگار جا موقعا مهيا ڪجن جنهن سان هيٺين سطح تي خوشحالي ۽ ترقي ايندي _ ان موقعي تي پ پ پ حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري فياض احمد شاهه ، نائب صدر عبدالجبار خان ، اطلاعات سيڪريٽري آفتاب احمد خانزاده ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button