مسلم ليگ ن اقتدار جي لالچي نه پر عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، يونس راجپوت
سکر: پاڪستان مسلم ليگ ن ضلع سکر جي اڳواڻن يونس راجپوت، محمد عظيم عباسي، رانا عمران احمد، وسيم جوڻيجو ۽ ٻين چيو آهي ته مسلم ليگ ن اقتدار جي لالچي نه پر عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ن ليگ عوام جي اميدن جو مرڪز آهي حڪومت جون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن هنن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام اقتدار جو مزو وٺندڙ ڪرپٽ حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيندو جن عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن جي سياست ڪئي آهي مسلم ليگ ن ايندڙ چونڊن ۾ وڏن وڏن سياسي سورمائون کي شڪست ڏيندي هنن چيو ته مسلم ليگ ن ملڪ بچائڻ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان پوءِ ته نه هٽندي ۽ ملڪ کي ڪرپٽ سياستدانن کان نجات ڏياريندي ۽ حڪومت خلاف عوام جو آتش فشان ڦاٽڻ وارو آهي ۽ عوام حڪومت جي موجوده پاليسين کان ناراز آهي حڪومت عوام جي مسئلا حل ڪرڻ جي ناڪام ٿي چڪي آهي ايندڙ چونڊن ۾ عوام کي سرپرائيز ڏيندا سين مسلم ليگ ن حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪندي.