شاعري
غزل
مختار گھمرو
گھاٽا پَر کان ھيل جا ناتا،
ڪالھ ھئا، پر سرس اڄوڪا
سنڌوءَ جل جان پوتر پنھنجا،
اڄ جا، ڪلھ جا، پيار پروڪا.
ڳر کجيءَ جان محب سوادي،
ٻول مٺا ڄڻ ڪڙھ جو ڏوڪا.
قرب کھيءَ جي پيار پڳھ تي،
آءُ ته ڀريون، سڪ جو ٻوڪا.
توريءَ ترھا پاند اکين جا،
تنھنجي آئي ٿيا آڊوڪا.
اُس ۾ جنھن وڻ ھيٺان ويٺين،
ان جون پاڙون کوٽ نه ٿوڪا.
وستيءَ وستيءَ نينھن نچي شل،
ٻڌ جن ھِت ھت حق جا ھوڪا.
ڪيئن ڀلا "مختار” وساري،
سونھن سندا سنسار ڪلھوڪا